بريڪنگ نيوز

حڪومت اسان جا سمورا مطالبا مڃي ورتا انهي لاءِ بجيٽ ۾ حڪومت جي حمايت ڪنداسين: بلاول ڀٽو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت اسان جا سمورا مطالبا مڃي ورتا انهي لاءِ بجيٽ ۾ حڪومت جي حمايت ڪنداسين.قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي آءِ ايس پي ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، اسان خوشي سان انهي بجيٽ جي حمايت ڪري رهيا آهيون.پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ هر بجيٽ ۾ بي آءِ ايس پي پروگرام ۾ گهٽتائي جي ڪوشش ڪئي، جڏهن کان وزيراعظم شهباز شريف آيو تڏهن کان هر بجيٽ ۾ بي آءِ ايس پي ۾ اضافو ٿيو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پگهاردارن لاءِ ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، اسان جي چوڻ تي حڪومت سولر ٽيڪس ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اعتراض کان پوءِ ايف بي آر قانون ۾ تبديلي آندي وئي، اسان وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وزير جا ٿورائتا آهيون، اسان جون ڳالهيون مڃيون ويون آهن انهي لاءِ بجيٽ کي سپورٽ ڪري رهيا آهيون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومتي تسلسل جو فيصلو پنج کان ڏهه سالن لاءِ ٿي ويو:راڻا ثناءُ الله

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُالله دعويٰ ڪئي آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے