بريڪنگ نيوز

نگران حڪومت ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي جنهن تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي: وڏو وزير

جيڪب آباد (رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جيڪب آباد پهچي ويو جتي هن ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي، خالد جکراڻي ۽ آزاد جکراڻي سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته امان جي صورتحال ايتري خراب ناهي 2002 کان 2007 تائين امن امان تمام خراب هئي فوجي ڪانواءِ ۾ ڳڙهي خدا بخش کان سکر ويندا هئاسين نگران حڪومت ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي جنهن تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي وڌيڪ اغوا جي وارداتن تي به ضابطو آڻينداسين سنڌ ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ گهرو کاتو سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪم رهيون آهن امن امان لاءِ ٻئي ڪنهن کان مدد وٺڻي پئي ته اها به وٺڻداسين، امن قائم ڪنداسين ڪشمور ضلعي ۾ حالتون خراب آهن اتي پوليس آپريشن ڪري رهي آهي .مراد علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي آهي خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي ٿي رهي آهي اسرائيل هڪ دهشتگرد اسٽيٽ آهي اسرائيلي فوج غزه ۾ ظلم ڪيو هزارين فلسطيني شهيد ڪيا ويا ايران تي اسرائيلي حملي کان پوءِ پاڪستان ايران سان بيٺل رهي جنگ ڪنهن به ملڪ جي فائدي ۾ ناهي هوندي هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو پاڪ فوج ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ڀارت جيڪب آباد تي به ميزائل فائر ڪيا ويا جيڪي پاڪ فوج تباهه ڪيا آهن پاڪستان فوج جي منهن ٽوڙ جواب کان پوءِ ڀارت گوڏا کوڙي جنگ تان هٿ کڻي امن طرف آيو پاڪ فوج جون ملڪ لاءِ قربانيون آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ جمهوريت جو بنياد ۽ عوام جي اعتماد جي علامت آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے