ڪراچي (رپورٽر ) سي بي اي يونين پاران شهيد بينظير ڀٽو جي 72هين سالگره تقريب سيسي هيڊ آفيس ۾ ٿي گذري، سالگره تقريب ۾ محنت واري صوبائي وزير شاهد ٿهيم. پ پ سنڌ جي صدر ايم پي اي نثار کهڙو. چنيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غني. اقبال ساند. پيپلز ليبر سنڌ جي صدر حبيب جنيدي. ڪراچي ڊويزن جي صدر اسلم سمون سميت سي بي اي يونين جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سالگره تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڀٽي خاندان جون ملڪ لاء وڏيون قربانيون آهن. شهيد بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ دهشتگردن شهيد ڪيو. 12 مئي واقعي ۾ به پيپلز پارٽي جا ڪارڪن شهيد ٿيا. 18 آڪٽومبر کانپوءِ بينظير ڀٽو دبئي وئي هئي. سندس چوڻ هو ته صدر جنرل مشرف ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي. جنرل ضياء به ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي. جنرل مشرف ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته بينظير ڀٽو ڏيھ اچي وئي. نثار کهڙو چيو ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي ملڪن کي آگاه ڪيو ته ڀارت بنا ثبوت جي پاڪستان تي جنگ مسلط ڪئي. هن وقت دنيا به پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي موقف جي تائيد ڪري رهي آهي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چئي چڪو آهي ته اگر ڀارت سنڌ طاس معاهدو واپس نه ورتو ته ڀارت خلاف جنگ لاء تيار آهيون. سندس چوڻ هو ته هن وقت صوبي ۾ جيڪي پورهيت سيسي کاتي ۾ پورهيت رجسٽرڊ ناهن انهن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي پنهنجا حق ملي سگهن. سيسي کاتي کي گهرجي ته هو پورهيتن کي وڌ کان وڌ رجسٽرڊ ڪري. ان موقعي تي محنت واري صوبائي وزير شاهد ٿهيم خطاب ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. دشمن قوتن شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو پر هو اڄ به عوام جي دلين ۾ سمايل آهي. سندس چوڻ هو ته پورهيت الله جو دوست آهي. اسان وڌ کان وڌ پورهيتن کي پنهنجا حق ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون. مالي سال 2025.26ع واري بجيٽ ۾ پورهيتن جي پگهار ۾ اضافو ڪري مينيميم ويج 42 هزار ڪئي وئي آهي. صوبي جي سڀني سيسي اسپتالن ۾ مريضن کي معياري دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن. وليڪا اسپتال کي آپ گريديسن ڪري اتي ڪينسر جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پوري سنڌ ۾ سيسي جي اسپتالن توڙي ڊسپينسري ۾ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪري پورهيت مريضن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون. ان موقعي تي پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي صدر حبيب جنديد. اسلم سمون. احمد نواز سميجو چنيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غني ۽ ٻين خطاب ڪري شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي. سالگره تقريب ۾ سي بي اي يونين جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 72هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.
