بريڪنگ نيوز

سنڌ بجيٽ منظور، 6 مختلف ٽيڪسن جي واپسي، عوام کي رليف ملندو، ترقي منزل آهي: وڏووزير

ڪراچي (م ڊ) سنڌ اسيمبلي مالي سال 2025-26 لاءِ صوبائي بجيٽ منظور ڪري ورتي جنهن کي وڏي وزير سيد مراد علي شاه پيش ڪيو. بجيٽ جو ڪل حجم 3450 ارب رپيا آهي جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ 12.9 سيڪڙو وڌيڪ آھي۔ ڇھ مختلف ٽيڪسن جو خاتمو يا انهن جي واپسي خاص طور تي پروفيسنل ٽيڪس عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو جڏهن تہ رڳو پروفيسنل1ٽيڪس جي خاتمي سان ئي 5 ارب رپين جو ريليف ملندو۔ هي بجيٽ سماجي تحفظ، انفراسٽرڪچر جي ترقي، معاشي سڌارن ۽ غريب طبقن لاءِ جامع ريليف قدمن تي زور ڏئي ٿو۔ اسيمبليءَ جي ميمبرن صوبائي ڪنسوليڊيٽڊ فنڊ مان ڪيل خرچن تي بحث ڪيو ۽ مالي سال 2024-25 لاءِ ضمني بيانن تي گرانٽس جي مطالبن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن تي ووٽنگ ڪئي۔ انهن مطالبن جي مجموعي تعداد 188 هئي جن جي خلاف اپوزيشن 2002 ڪٽ موشن پيش ڪيا پر اڪثريتي ووٽ سان سڀني ڪٽ موشنز کي رد ڪيو ويو جڏهن تہ اڪثر ڪٽ موشنز کي گڏ ڪري رد ڪيو ويو۔ اسيمبلي بحث ۽ ووٽنگ کانپوءِ مالي سال 2025-26 لاءِ گرانٽس جي مطالبن کي منظور ڪري ورتو وڏي وزير سيد مراد علي شاهہ ايوان ۾ سنڌ فنانس بِل 2025 پيش ڪيو جنهن جو مقصد مختلف ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين کي متوازن بڻائڻ ۽ لاڳاپيل قانون ۾ ترميم ڪرڻ آهي۔ حڪومت جيڪي سڌارا متعارف ڪرايا آھن: انھن ۾ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي مدد سان زمين جي رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن، موبائل ايپ ذريعي آن لائن پيدائش جي رجسٽريشن، سندہ ڪوآپریٹو بینڪ ذريعي ھارين کي قرض جي آسان رسائي، ۽ زمين جي ملڪيت جي منتقلي لاءِ ون اسٽيپ سسٽم جاري ڪرڻ شامل آهي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ 43 ارب رپين جو ايڊھاڪ ريليف الاؤنس ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي لاءِ 16 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔ وڏي وزير مالي سال 2025-26 لاءِ ڇهہ ٽيڪسن جي خاتمي جو اعلان ڪيو جن ۾ شامل آهن هي ٽيڪس پگھاردارن ۽ ننڍن ڪاروباري ماڻهن تي لاڳو ٿيندو هو جيڪو هاڻي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي۔ پروفيسنل ٽيڪس جي خاتمي سان عوام خاص طور تي پگھاردار طبقو ۽ ننڍا واپاري 5 ارب رپيا جو ريليف حاصل ڪندا۔ صوبي ۾ ثقافتي ۽ تفريحي سرگرمين جي واڌاري لاءِ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي کي پڻ ختم ڪيو ويو آهي موٽيشـن، سيلز سرٽيفڪيٽس، تصديق ٿيل نقل، سالوينسي ۽ وارثت سرٽيفڪيٽس جي فيسن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي۔ ڪمرشل گاڏين جو ساليانو ٽيڪس 1000 رپيا تائين محدود ڪيو ويو آهي۔ ۽ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي، پاڻي جي نيڪال سيـس، ۽ ڪپهہ فيس کي معتدل بڻايو ويو آهي اهم ادارن لاءِ وڏي رقم رکي وئي آهي جن ۾ شامل آهن: عوامي يونيورسٽين لاءِ 42.2 ارب رپيا، طبي تعليم لاءِ 10.4 ارب رپيا، خصوصي ماڻهن لاءِ انڪليوسو سٽي لاءِ 5 ارب رپيا ، سندہ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيو نيٽالاجي لاءِ 6.6 ارب رپيا ، ايمبولينس سروسز لاءِ 5.2 ارب رپيا جيڪي SIEHS جي تحت فراهم ڪيا ويندا، شامل آھن وڏي وزير جيڪو مالي کاتي جو وزير پڻ آهي، بجيٽ پيش ڪندي اهم معاشي اشاريئن جو ذڪر ڪيو۔ پاڪستان جي قومي GDP واڌ جو هدف 2025-26 لاءِ 4.2 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو 2024-25 ۾ 2.68 سيڪڙو هو۔ مهانگائي جو هدف 7.5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن تہ هن سال اها 4.7 سيڪڙو هئي۔ ايف بي آر (FBR) لاءِ 2025-26 جو هدف 14,131 ارب رپيا رکيو ويو آهي ڪل خرچن ۾ 2150 ارب رپين جو ڪرنٽ ريونييو ايڪسپينڊيچر (CRE) شامل آهي جيڪو بجيٽ جي ڪل حجم جو 62 سيڪڙو آهي۔ ان ۾ پگھارون، پنشنز، گرانٽس، آپريشنز ۽ مينٽيننس شامل آهن۔ ترقياتي خرچن جو بجٽ جو 30 سيڪڙو آهي جنهن جي رقم 1018.3 ارب رپيا آهي، ۽ ان ۾ سالياني ترقياتي پروگرام (ADP)، غير ملڪي معاونت سان هلندڙ منصوبا ۽ ضلعن لاءِ ترقياتي شامل آهن۔ ڪيپٽل خرچن جي رقم 281.7 ارب رپيا آهي جيڪا قرضن جي واپسي، ويبلٽي گيپ فنڊنگ، ۽ سيڙپڪاري جي مد ۾ استعمال ٿيندي۔ ڪرنٽ ريونييو اخراجات (CRE) ۾ کان 39 سيڪڙو پگھارن لاءِ رکي وئي آهي، 29 سيڪڙو گرانٽس لاءِ (جن ۾ مقامي حڪومتون ۽ خودمختار ادارا شامل آهن)، 19 سيڪڙو غير پگھاردار آپريٽنگ خرچ ۽ مينٽيننس لاءِ رکيا ويا آهن ۽ 13 سيڪڙو پنشنز لاءِ رکيو ويو آهي گذريل مالي چيلينجن ۽ 2024-25 جي بجيٽ ڪاٿن جي ڀيٽ 3.6 سيڪڙو جي گهٽتائي باوجود صوبائي حڪومت وڏي بحالي جي اميد رکندي آهي۔ مالي سال 2025-26 لاءِ ڪل اوڳاڙيون 3111.5 ارب رپيا امڪان آهن جيڪي 2562.7 ارب رپين جي نظرثاني ٿيل ڪاٿن جي ڀيٽ ۾ 21.4 سيڪڙو جو اضافو آهن۔ اڳين ٽن سالن ۾ سنڌ کي 12.5 سيڪڙو سالياني اوسط ريونييو گروٿ جي اميد آهي۔ جيڪڏهن فيڊرل بورڊ آف ريونيو (FBR) پنهنجو نظرثاني ٿيل هدف 11.7 ٽريلين رپيا جون 2025 تائين حاصل ڪري ٿو تہ سنڌ کي وفاقي قابل تقسيم ٽيڪسن ۾ تقريباً 269 ارب رپيا جو حصو ملڻ جي اميد آهي صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) جيڪو 1.018 ٽريلين رپين جي ترقياتي خرچن جو اهم حصو آهي ان ۾ ڪيترائي اهم ترقياتي موضوع شامل آهن: زراعت ۽ ڳوٺاڻي مدد لاءِ بينظير هاري ڪارڊ اسڪيم تحت 8 ارب رپيا، 1.8 ارب رپيا مال مويشن جي نسل بهتر ڪرڻ لاءِ، زرعي مشينڪاري لاءِ سولر ٽيوب ويل، ڊرپ ايريگيشن سسٽم ۽ سپر سيڊرز سبسڊي تي مهيا ڪرڻ لاءِ فنڊز، گهٽ آمدني وارن لاءِ رهائشي اسڪيمن تحت 2 ارب رپيا رهايشي منصوبا ، سماجي ڀلائي لاءِ لاءِ سنڌ پيپلز سپورٽ پروگرام تحت 2 ارب رپيا ، 200 ملين رپيا يتيم ٻارن ۽ بيواهن جي مدد لاءِ ، عورتن جي بااختياري لاءِ 500 ملين رپيا عورت زرعي ورڪرن لاءِ، 500 ملين رپيا ايس ايم اي ڊولپمينٽ لاءِ ، صحت جي شعبي ۾ واڌاري لاءِ لاڙڪاڻي ۾ SIUT جو مڪمل مرڪز 4.5 ارب رپيا، SIUT لاءِ 21 ارب رپيا، NICVD لاءِ 23 ارب رپيا، PPHI لاءِ 16.5 ارب رپيا ۽ لاڙڪاڻي ۾ نئون اسپتال لاءِ 10 ارب رپيا شامل آھن . ان کان علاوہ تعليم ۽ خاص ضرورتن لاءِ اسڪول مخصوص بجيٽ، معذور ماڻهن (PWDs) لاءِ وڌايل وظيفا ۽ مددگار اوزارن جو انگ 20 هزار کان وڌائي 40 هزار ڪرڻ لاءِ فنڊز رکيا ويا آھن جڏھن تہ نوجوانن جي ترقي لاءِ صوبي جي مختلف علائقن ۾ 27 يوتہ ڊولپمينٽ سينٽرز (YDCs) جو قيام، پاڻي جي اسٽرڪچر لاءِ ڊملوٽي–ڊي ايڇ اي واٽر پائپ لائين لاءِ 10 ارب رپيا ۽ حب ڪئنال لاءِ 3.1 ارب رپيا، قابل تجديد توانائي لاءِ گرين انرجی تحت 25 ارب رپين جي بلاڪ الاٽمينٽ ۽ SDG سان لاڳاپيل عوامي صحت جي قدمن لاءِ 45 ارب رپيا شامل آهي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهہ بجيٽ کي "هڪ ذميوار، جامع، ۽ اڳتي وڌندڙ مالي منصوبو” قرار ڏنو جيڪو جامع واڌاري، برابري ۽ ڪارڪردگي تي مرڪوز آهي۔ هن چيو تہ "هي بجيٽ اُنهن معاشي مشڪلاتن جو جواب آهي جن ماڻهن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هي سنڌ جي بحالي لاءِ هڪ روڊ ميپ آهي جيڪو موقعن ۽ سماجي انصاف سان تعمير ڪيو ويندو

 

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ جمهوريت جو بنياد ۽ عوام جي اعتماد جي علامت آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے