اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت ٻي جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي (آر ايس ايف) تحت پهرين جائزي تي اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالرن جي نئين قسط جي راهه هموار ٿي وئي آهي. عالمي مالياتي فنڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايوا پيٽرووا جي قيادت ۾ آءِ ايم ايف جي مشن 24 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر 2025ع دوران ڪراچي، اسلام آباد ۽ ان کانپوءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستاني عملدارن سان توسيع فنڊ سهولت تحت ٻي جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي تحت پهرين جائزي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهين جي پڄاڻي تي پنهنجي بيان ۾ ايواپيٽرووا ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستاني عملدارن سان توسيع فنڊ سهولت جي 37 مهينن جي پروگرام جي ٻي جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي جي 28 مهينن جي پروگرام جي پهرين جائزي تي اسٽاف سطح جو معاهدو ڪري ورتو آهي، هي معاهدو آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان مشروط آهي، منظوري کانپوءِ پاڪستان کي اي ايف ايف تحت هڪ ارب ڊالر ۽ آر ايس ايف تحت 200 ملين ڊالرن تائين پهچ حاصل ٿيندي، اهڙي طرح ٻنهي سهولتن تحت مجموعي ادائيگيون 3.3 ارب آمريڪي ڊالرن تائين پهچي وينديون. هن چيو ته اي ايف ايف تحت پاڪستان جي معاشي پروگرام سان مالياتي استحڪام مضبوط ۽ مارڪيٽ ۾ اعتماد به بحال ٿي رهيو آهي، معاشي بحالي جو عمل درست رخ ۾ آهي، مالي سال 2025ع دوران پاڪستان ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن 14 سالن کانپوءِ فاضل ٿيو آهي، بنيادي مالي توازن پروگرام جي هدف کان وڌيڪ رهيو، مهانگائي ضابطي ۾ رهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري آئي ۽ مالياتي مارڪيٽن ۾ اعتماد بحال ٿيو آهي. بيان موجب سانوڻي جي برساتن دوران ٻوڏ ملڪ جي اٽڪل 70 لک ماڻهن کي متاثر ڪيو، هڪ هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون ۽ رهائشي گهر، عوامي بنيادي ڍانچي ۽ زرعي زمين کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ان جي ڪري معيشت خاص ڪري زرعي شعبو متاثر ٿيو ۽ مالي سال 2026ع لاءِ واڌ جي شرح جي اندازي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ايوا پيٽرووا چيو ته ڳالهين دوران پاڪستاني عملدارن اي ايف ايف ۽ آر ايس ايف پروگرامن تحت پاليسين جي تسلسل ۽ محتاط مالياتي نظم جي حوالي سان پنهنجي عزم کي ورجايو. پاڪستان مالي سال 2026ع لاءِ جي ڊي پي جي 1.6 سيڪڙو جي بنيادي سرپلس جي هدفن کي برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ان لاءِ ٽيڪس پاليسي ۽ لاڳو ڪرڻ جي قدمن ذريعي محصولن ۾ اضافو ڪيو ويندو. محصولات ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ حڪومت متبادل قدم کڻندي. ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ فوري امداد صوبائي ۽ وفاقي بجيٽ ۾ فنڊن جي نئين سر ورهاست ذريعي فراهم ڪئي پئي وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جو بنيادي ٿنڀ سماجي تحفظ آهي، پاڪستان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري ڪار، شفافيت ۽ انتظامي صلاحيتن ۾ توسيع ڪري رهيو آهي، جامع معاشي واڌ کي هٿي ڏيڻ ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ بي آءِ ايس پي کانسواءِ به صحت ۽ تعليم جي خرچن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان محصولات وڌائڻ، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ وسيلن جي ورڇ ۾ توازن پيدا ڪرڻ ۽ پبلڪ فنانشل مينيجمينٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارن تي عمل ڪري رهيو آهي، ان مقصد لاءِ نئين ٽيڪس پاليسي آفيس قائم ڪئي وئي آهي جيڪا وچ مدي واري ٽيڪس سڌارن جي منصوبي جي قيادت ڪندي جنهن تحت ٽيڪس قانونن کي سادو بڻايو ويندو ۽ عارضي قدمن تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪيو ويندو. اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان مهانگائي کي 5 کان 7 سيڪڙو جي هدف ۾ رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ ان لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل مالياتي پاليسي جاري رکندو. پاڪستان جي عملدارن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ ٻوڏ سبب وقتي طور تي قيمتن تي اثر پوندو، تنهن هوندي به جيڪڏهن ناڻي واڌ جي دٻاءُ ۾ اضافو ٿيو ته مرڪزي بئنڪ پاليسي وياج جي شرح ۾ مناسب ايڊجسٽمينٽ ڪندي. گڏوگڏ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي کي ساراهيندي چيو ويو ته ايڪسچينج مارڪيٽ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا ته جيئن قيمت جي تعين ۽ پرڏيهي جهٽڪن کان بچڻ ۾ مدد ملي. بيان موجب پاڪستان جي عملدارن گردشي قرض ۾ اضافو نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي ان لاءِ ٽيرف ۾ وقت سر ايڊجسٽمنٽ ذريعي لاڳت جي وصولي کي يقيني بڻائيندي جڏهن ته مرحليوار ۽ منصفاڻو ٽيرف ڍانچو برقرار رکيو ويندو، حڪومت بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري، ڪارڪردگي ۾ بهتري، پهچ واري نظام جي اپ گريڊيشن ۽ غير موثر بجلي گهرن جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪندي. پاڪستان جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هو گورننس، پيداواري صلاحيت، ڪاروباري ماحول ۽ نجي شعبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سڌارن تي عمل ڪري رهيا آهن. آءِ ايم ايف زور ڀريو ته حڪومت کي سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻو پوندو اهڙي طرح زرعي شعبي ۾ حڪومتي مداخلت گهٽ ڪرڻ، ڪموڊيٽي مارڪيٽس کي آزاد ڪرڻ ۽ قومي ٽيرف پاليسي لاڳو ڪرڻ ذريعي عالمي چٽاڀيٽي واري زرعي معيشت کي هٿي ڏيڻ تي به ڪم جاري آهي. ايوا پيٽرووا چيو ته 2022ع ۽ هاڻوڪي ٻوڏ پاڪستان ۾ موسيماتي موزونيت جي ضرورت کي اجاگر ڪيو، آر ايس ايف پروگرام تحت پاليسين کي قومي ماحولياتي هدفن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي، انهن قدمن ۾ گرين ٽرانسپورٽ، ڊي ڪاربانائيزيشن، واٽرمينيجمينٽ، ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ ۽ ڪلائميٽ انفارميشن سسٽم جي مضبوطي شامل آهن. ايوا پيٽرووا پنهنجي ٽيم سان گڏ ٻوڏ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڪستاني عملدارن، نجي شعبي ۽ ترقياتي حصيدارن جي مهمانوازي ۽ مفيد ڳالهين تي ٿورن جو اظهار ڪيو.وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت، لچڪ ۽ پائيداري جي حوالي سان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر فنڊ جي لاءِ اسٽاف سطح جو معاهدو طئه ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسٽاف سطح جو معاهدو پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ اشارن ۾ ايندڙ بهتري جو عڪاس آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسٽاف سطح جو معاهدو آءِ ايم ايف جي پاران پاڪستان جي تيزي سان بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال تي اعتماد جو اظهار آهي. اهو آءِ ايم ايف جي پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح، ادارتي سڌارن ۽ حڪومتي پاليسين تي اطمينان جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، ناني واري وفاقي سيڪريٽري ۽ انهن جي پوري ٽيم واکاڻ جي لائق آهي، جن جي محنت جي ڪري آءِ ايم ايف سان هي معاهدو طئه ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ وڌي رهي آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمُورا قدم کڻنداسين.
