بريڪنگ نيوز

ڏسڻ کان محروم ماڻهو به بنا ڪنهن فرق جي هڪ جهڙن موقعن جا حقدار آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڏسڻ کان محروم ماڻهو به بنا ڪنهن فرق جي هڪ جهڙن موقعن جا حقدار آهن، حڪومت ان سلسلي ۾ پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. سفيد لٺ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سڄي دنيا سان گڏ سفيد لٺ جي تحفظ جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. هي ڏينهن پهريون ڀيرو 1964ع ۾ ملهايو ويو ۽ وقت سان گڏ ان ڏينهن کي عالمي سطح تي عالمي ادارن پاران وسيع پئماني تي تسليم ڪيو ويو. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن نه رڳو ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي چرپر ۽ آزادي جي علامت آهي پر انهن ماڻهن جي حقن ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ انهن جي شموليت جي ضمانت بابت اسان جي گڏيل فرض جي ياد پڻ ڏياري ٿو. وزيراعظم چيو ته سفيد لٺ رڳو چرپر ۽ حرڪت جو ذريعو نه آهي پر اها وقار، همت ۽ حوصلي جي علامت آهي جيڪا اسان کي ياد ڏياري ٿي ته اسان جي قوم جي طاقت ان جي سمورن شهرين کي بنا ڪنهن فرق جي بااختيار بڻائڻ ۾ لڪل آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي برابر موقعن ۽ روزگار جي فراهمي جو عزم ڪيو آهي. اسان خصوصي ماڻهن جي حقن جي حوالي سان گڏيل قومن جي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي ڏسڻ کان محروم شهرين جي ڪاميابين تي فخر آهي، جيڪي مختلف شعبن ۾ عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ هن صائمه سليم جو مثال ڏنو جيڪا پاڪستان جي پهرين ڏسڻ کان محروم سرڪاري آفيسر ۽ سفارتڪار آهي ۽ پاڪستان پاران گڏيل قومن ۾ مستقل مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو هن اهم ڏينهن تي هر پاڪستاني کي اپيل ڪري ٿو ته سفيد لٺ کي عزت ۽ قابليت جي علامت تسليم ڪريو ۽ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ جو وچن ڪريو جتي هر شهري جسماني گهٽتائي يا چئلينج کان قطي طور تي آزاداڻي طور تي اڳتي وڌي سگهي، ملڪي ترقي ۾ مڪمل طور تي پنهنجو حصو وجهي سگهي ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي خوابن جي پيروي ڪرڻ جي قابل هجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان جي ڪوششن ۾ برڪت عطا فرمائي ۽ اسان جي هڪ اهڙي پاڪستان طرف رهنمائي فرمائي جيڪو گڏيل ڀائيچاري، همدرديءَ ۽ هم آهنگي جو مظهر هجي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي ، 1.2 ارب ڊالرن جي نئين قسط جي راهه هموار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ توسيعي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے