تهران (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ايران جي ائٽمي ٿاڪن تي حملو ڪري ڪو به اهم مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.اسرائيل سان جنگبندي کانپوءِ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي پنهنجي قوم کي خطاب ڪندي جنگ ۾ ”فتح“ تي مبارڪباد ڏني ۽ آمريڪا سميت مخالف قوتن کي خبردار ڪيو.هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ”غيرمعمولي طور تي جڙتو“ بيان ڏنو آهي.خامنه اي جو چوڻ هو ته اِها ڳالهه واضح آهي ته آمريڪا کي ائين ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ جيڪو به ٻڌي رهيو آهي اِهو آمريڪا کي ٻڌائي سگهي ٿو ته هو سچائي کي چچرڻ لاءِ من گهڙت بيانئو گهڙي رهيا آهن.هن ٽرمپ جي ايران کان ” هٿيار ڦٽا ڪرڻ “ واري مطالبي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ايران جهڙي عظيم ملڪ ۽ قوم لاءِ هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري ڳالهه ڪرڻ ئي توهين آهي.ايراني سپريم ليڊر دعويٰ ڪئي ته آمريڪا جي فوجي ڪارروائي جوهري پروگرام يا افزودگي بابت نه هئي، پر ايران کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ هو.هن چيو ته ڪڏهن آمريڪا کي انساني حقن جي پريشاني هوندي آهي ته ڪڏهن عورتن جي حقن تي ڳالهائيندو آهي يا جوهري پروگرام تي ۽ وري ميزائلن تي اعتراض واريندو آهي، پر حقيقت ۾ انهن سڀني ڳالهين جي پٺيان هڪڙو ئي مقصد آهي ايران کي مجبور ڪيو وڃي ته هو هٿيار ڦٽا ڪري.آيت الله خامنه اي چيو ته ايران آمريڪا جي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي، حملي جو اثرائتو جواب ڏنو ۽ سندس اڏي کي نقصان پهچايو.هن چيو ته آمريڪا هن جنگ ۾ رڳو انڪري شامل ٿيو ته ڪٿي اسرائيل مڪمل طور تي ختم نه ٿي وڃي، پر ان باوجود ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهيو.آيت الله خامنه اي چيو ته وڏين وڏين دعوائن باوجود ايراني حملن صهيوني رياست کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.هن پنهنجي خطاب دوران چيو ته ايران دنيا کي ڏيکاريو ته وقت اچڻ تي قوم هڪ آواز بڻجي سگهي ٿي ۽ ان جذبي تي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو.سپريم ليڊر خبردار ڪيو ته” ايران خلاف اڳرائي ڪندڙن کي اڳتي به وڏي قيمت چڪائڻي پوندي.“
