بريڪنگ نيوز

ڀارت ۽ اسرائيل پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا: خواجه آصف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل جي سمورين سازشن جي باوجود پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ خواجه آصف چيو ته فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ذيلي اداري انٽرنيشنل ڪوآپريشن ريويو گروپ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. اجلاس جي دوران چين واضح موقف اختيار ڪندي پاڪستان لاءِ رليف جي حمايت ڪئي. هن چيو ته ترڪي به چين جي موقف جي توثيق ڪئي، جاپان به پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪئي ڇو ته هو ايشيا پيسفڪ گروپ جو شريڪ چيئرمين آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حقيقت پسندي سان جائزو ورتو وڃي ته پاڪستان هينئر تائين ايف اي ٽي ايف جي سمورين ضرورتن کي پورو ڪري چڪو آهي، هاڻ انهي جو ڪنهن به لسٽ ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز ناهي، پر پاڪستان جي لاءِ اها وڏي فتح آهي. خواجه محمد آصف وڌيڪ چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل جي سمورين سازشن جي باوجود پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سروس ٽربيونل صرف دير جي بنياد تي اپيل خارج نٿو ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن سرڪاري ملازم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے