بريڪنگ نيوز

اڄ جي سياست ۾ ڊجيٽل ميڊيا سياسي هٿيار بڻجي چڪو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

اسلام  آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڊجيٽل ٽيم جو مرڪزي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي ڊجيٽل حڪمت عملي، سوشل ميڊيا مهم ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاروت ڪئي وئي.اجلاس ۾ پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي، ايم اين اي قاسم گيلاني، سينيٽر نديم ڀٽو، سيف علي قريشي، علي ايوب ۽ مختلف ڊويزنز جي ڊجيٽل ميڊيا سربراهن سميت سينيئر اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي، جڏهن ته برطانيه، ڪينيڊا، جرمني، گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب، آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ پ پ ڊجيٽل ڪارڪنن زوم ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي سياست ۾ ڊجيٽل ميڊيا رڳو اظهار جو ذريعو نه پر هڪ طاقتور سياسي هٿيار بڻجي چڪو آهي، نوجوانن کي حقيقتن کان روشناس ڪرائڻ  ۽ ناڪاري پروپيگنڊا خلاف اسانجي اولين ترجيح آهي .هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جي ٽيم عوام تائين پارٽي جو پيغام پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا تي نفرت، ڪوڙ ۽ الزامن جي سياست ڪري رهيا آهن پر اسان دليل، سچائي ۽ اخلاق سان جواب ڏيڻو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن چيو ته دنيا جي بدلجندڙ گهرجن مطابق اسانکي گهرجي ته اسانکي ڪجهه جلسن ۽ بيانن تي ڀاڙجي پر سوشل ميڊيا تي هڪ مربوط، مهذب ۽ اثرائتو بيانيو جوڙجي، هن چيو ته پارٽي جي پاليسي، ڪارڪردگي ۽ جمهوريت لاءِ تاريخي قربانين ۽ جدوجهد کي عوام تائين پهچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي .گورنر خيبر پختون خواهه فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبر پختون خواهه سميت سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا جو ڪردار ناقابل انڪار آهي، ڪي پي جهڙي حساس صوبي ۾ عوامي راءِ تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ ڊجيٽل ميڊيا هڪ وڏو هٿيار بڻجي چڪو آهي، بدقسمتي سان ڪجهه قوتون ڪوڙ ۽ فيڪ نيوز ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيون آهن، اسانجو فرض آهي ته اسان عوام کي سچ ٻڌايون ۽ قومي اتحاد تي ٻڌل بيانيي کي هٿي وٺرايون.اجلاس ۾ مختلف تجويزن، تربيتي ورڪشاپس ۽ ملڪي توڙي عالمي سطح تي پارٽي بيانيي کي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران مان 450 پاڪستاني زائرين کي حفاظت سان واپس ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے