بريڪنگ نيوز

سنڌ پوليس ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ امن دشمنن کي مُنھن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي: ضياءُ الحسن

ٺٺو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ پوليس ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ امن دشمنن کي مُنھن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، سنڌ پوليس هٿيارن سان ليس آهي ۽ مهارت جي لحاظ کان وڏي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته سنڌ پوليس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ ماضي کان وڌيڪ پرامن آهي. اھڙن خيالن جو اظهار هن ٺٽي ۾ جديد طرز تي تعمير ڪرايل ماڊل پوليس اسٽيشن جي افتتاح کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف، عشر ۽ زڪوات سيد رياض حسين شاهه شيرازي، ايم اين اي صادق علي ميمڻ، چيئرمين ضلعي ڪائونسل عبدالحميد پنهور، ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان، سي آءِ اي انچارج ممتاز بروهي ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ماڊل پوليس اسٽيشن ٺٽي ۾ جديد پوليسنگ سسٽم متعارف ڪرائڻ سان گڏ پوليس اسٽيشن ۾ ايندڙ ماڻهن لاءِ ويٽنگ روم سميت سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، پوليس اسٽيشن ۾ ايندڙ شڪايت ڪندڙن کي بروقت رليف فراهم ڪرڻ ۽ شروعاتي طور تي شڪايتون درج ڪري انهن کي قانوني صلاح فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف ڊيسڪون پڻ قائم ڪيون ويون آهن. گهرو وزير چيو ته پوليس سنڌ جي اترين علائقن ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي مان ڌاڙيل ڪلچر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ھن چيو تہ اسان آرمي چيف ۽ وفاقي گهرو وزير جا شڪرگذار آهيون ته انهن سنڌ پوليس کي جديد هٿيار فراهم ڪيا آھن. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي گهرو وزير چيو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، اسان جي خواهش آهي ته پريا ڪماري پنهنجي وارثن وٽ بحفاظت واپس اچي. هن چيو ته پوليس اهلڪارن جي ڪا بہ کوٽ ناهي پر قابل ۽ ذهين نوجوانن کي نوڪري جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن، اغوا ٿيلن کي ڌاڙيلن کان بازياب ڪرائڻ لاءِ پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو عمل جاري آهي، ڪو به نٿو چاهي ته پرامن ڌرتي جو امن خراب ٿئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته آءِ جي سنڌ سان ڪو به اختلاف ناهي، اختلاف برابري جي بنياد تي ٿيندا آهن، آءِ جي پوليس جي ڪمانڊ سنڀاليندڻ ھڪ ملازم آهي، ان سان اختلاف جون خبرون بي بنياد آهن. ان موقعي تي صحافي مخدوم عابد قريشي جي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ ۽ جوابدار پاران ڏنل ڌمڪين جي شڪايت تي گهرو وزير ايس ايس پي کي هدايت ڪئي ته صحافي مخدوم عابد قريشي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن جي جلد گرفتاري يقيني بڻائي وڃي. ان موقعي تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ماڊل پوليس اسٽيشن جي جديد انداز ۾ ٺهيل عوامي سهولت مرڪز، عورتن ۽ ٻارن جي ڊيسڪ، جاچ روم، لاڪ اپ ۽ ٻين مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ ايس ايس پي جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران مان 450 پاڪستاني زائرين کي حفاظت سان واپس ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے