اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ايران مان 450 پاڪستاني زائرين جو انخلا ڪالهه مڪمل ڪيو ويو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پوسٽ ڪيل هڪ پيغام ۾ اسحاق ڊار چيو ته ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگردن جي انخلا لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن، پهرين مرحلي ۾ 154 شاگردن کي ڪڍيو ويندو.هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته موجوده علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، پاڪستان جي حڪومت پاڪستاني شهرين جي حفاظت لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي.نائب وزيراعظم چيو ته ايران مان 450 زائرين جو انخلا ڪالهه مڪمل ڪيو ويو ۽ ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگردن جي محفوظ انخلا لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته پهرين مرحلي ۾ 100 کان وڌيڪ شاگردن کي ڪڍڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايران ۾ پاڪستاني سفارتخانو پڻ عراق ۾ ڦاٿل پاڪستاني زائرين سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن جي محفوظ رهائش ۽ ممڪن انخلا لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ ڪرائسس مئنيجمينٽ يونٽ 24 ڪلاڪ سرگرم آهي.
