ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام جي درستگي ۽ سولر پينلن تي لڳايل 18 سيڪڙو ٽيڪس ختم نه ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي بجيٽ جي حمايت نه ڪندي. وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بجيٽ پيش ڪرڻ کان رڳو هڪ ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت اوچتو مالي وسيلن جي گهٽتائي بابت خط موڪليو، جيڪو اسان لاءِ حيران ڪندڙ هو، اسان بجيٽ 1900 ارب رپين جي بنياد تي تيار ڪئي هئي پر خط ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ کي رڳو 961.7 ارب رپيا ملندا، جڏهن ته اڳ ۾ ئي اسان کي 422.3 ارب رپيا گهٽ مليا آهن. هن چيو ته اسان کي 12 جون تي هڪ خط مليو، جنهن ۾ چيو ويو ته اين ايف سي فنڊ استعمال نه ڪيا وڃن، ڇو ته وفاق چاهي ٿو ته صوبا پنهنجا وسيلا بچائي رکن، اسان اڳ ئي آءِ ايم ايف پروگرام جو حصو آهيون ۽ اسان جا اڪثر ٽيڪس وفاق گڏ ڪري ٿو، جنهن سبب اسان تي مالي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن مطابق اسان کي 299 ارب رپين جو سرپلس ڏيکارڻو آهي پر جيڪڏهن وفاق پنهنجا واعدا پورا نه ڪري ته ترقياتي منصوبن تي اثر پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته پگهارون نٿيون روڪي سگهجن. وڏي وزير ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ اسان 1460 هلندڙ اسڪيمون مڪمل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ 90 ارب رپين جون اسڪيمون شروع ڪيون وينديون، ان کان سواءِ روڊ نيٽ ورڪ جا ڪيترائي منصوبا به وفاق جي سهڪار سان شامل ڪيا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (PSDP) ۾ سنڌ 86 ارب رپين جا منصوبا رکرايا، جن مان گهڻا روڊن سان لاڳاپيل آهن، ڪراچي لاءِ 236 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جيڪي ميگا پراجيڪٽس، انفرا اسٽرڪچر ۽ پبلڪ سروسز ۾ بهتري لاءِ استعمال ٿيندا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروع ڪيل منصوبا هن بجيٽ ۾ شامل نه آهن پر ڌار آهن، جن ۾ 1000 بسن، ڊي سالينيشن پلانٽس ۽ ٻيا وڏا منصوبا شامل آهن. وڏي وزير وضاحت ڪئي ته ميگا منصوبن مان مراد اهي اسڪيمون آهن، جيڪي ان ئي مالي سال ۾ مڪمل ٿين پر انجنيئرن جي کوٽ سبب ڪيترائي منصوبا هڪ ئي وقت شروع ڪرڻ ممڪن ناهي، هن وقت صوبي ۾ 12 اسڪيمون 17.5 ارب رپين جي لاڳت سان جاري آهن، جڏهن ته وڌيڪ 2 منصوبا مرغي خانا برج، ڪورنگي ڪاز وي ۽ ڄام صادق پل تياري جي مرحلي ۾ آهن، حب ڊيم جو وڏو منصوبو اڃا پي ايس ڊي پي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. آخر ۾ هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته سڀ ڪجهه ”آن ٽريڪ“ آهي ته پوءِ ان کي پنهنجا واعدا به پورا ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن وفاق صوبن سان ڪيل واعدا پورا ڪري ته مالي انتظام بهتر ٿي سگهن ٿا ۽ عوامي ترقياتي منصوبا بنا ڪنهن رنڊڪ جي مڪمل ٿي سگهن ٿا.
