اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪري چيو آهي ته اسرائيل جي بي سبب ۽ بي بنياد جارحيت خلاف پاڪستان مڪمل طور ايران سان يڪجهتيءَ ۾ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون ذريعي ڳالهه ٻولهه دوران ايران خلاف اسرائيلي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسرائيلي حملو ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر سميت عالمي قانونن جي مڪمل لتاڙ آهي. هن چيو ته ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل آهي، پاڪستان ايران جي حڪومت ۽ ڀائر ملڪ سان مڪمل يڪجهتيءَ ۾ بيٺو آهي. وزيراعظم حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ايران جي صدر سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل جي شرپسندي ۽ اڳرائي خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، پاڪستان خطي ۾ امن جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم آفيس موجب ايران جي صدر مشڪل وقت ۾ ايران جي حمايت ۽ يڪجهتي تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا، خاص طور گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ايران جي حمايت تي هن وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو. ايراني صدر چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي ويجهن ۽ ڀائيچاري وارن لاڳاپن جو اظهار آهي. ايران جي صدر عالمي برادري ۽ اسلامي ملڪن تي زور ڀريو ته اهي گڏجي انهن خطرن جو مقابلو ڪن. وزيراعظم آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي به اتفاق ڪيو.
