بريڪنگ نيوز

ڇڪتاڻ تيز، اسرائيلي فوج جي حملي جي جواب ۾ ايران 200 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا، سوين زخمي

تهران / تل ابيب (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) ايران طرفان جوابي حملي ۾ گذريل رات کان هينئر تائين اٽڪل 200 بليسٽڪ ميزائل اسرائيل تي فائر ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ اسرائيلي حڪومت فوج کي ڪارروائي لاءِ فري هينڊ ڏئي ڇڏيو، نتيجي طور اسرائيل جي تازي حملي ۾ وڌيڪ 2 ايراني جنرل، 3 جوهري سائنسدان ۽ 20 ٻارن سميت 65 شهري شهيد ٿي ويا آهن. ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ورتي آهي. ڇنڇر جي صبح ايران طرفان اسرائيل تي پنجون وڏو ميزائل حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ درجنين ميزائل فائر ڪيا ويا، ان حملي دوران خاص طور تي اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب کي نشانو بڻايو ويو. ايراني حملي جي نتيجي ۾ 4 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 63 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جڏهن ته ايران طرفان صهيوني رياست جا ٻه جديد ترين ايف-35 اسٽيلٿ جنگي جهاز تباهه ڪرڻ ۽ هڪ عورت پائلٽ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڌماڪن جا آواز تل ابيب، بيت المقدس ۽ گش دان سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻڌا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. اسرائيلي انتظاميا شهرين کي محفوظ ٺڪاڻن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي ، جڏهن ته تل ابيب ۾ موجود اسرائيلي جوهري مرڪز کي به نشانو بڻايو ويو. ايران جي پاسدارانِ انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن ”وعده صادق 3“ تحت اسرائيل جي مختلف هدفن تي 300 کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن. پاسداران جي سينيئر آفيسرن جو چوڻ آهي ته ”اسان جو بدلو هاڻي شروع ٿيو آهي ۽ اسرائيل کي پنهنجي غلطيءَ جو حساب ڀوڳڻو پوندو.“ هوڏانهن اسرائيلي فوج (آءِ ڊي ايف) به ايران خلاف جوابي ڪارروائي ڪئي آهي. اسرائيلي دعويٰ موجب، اصفهان نيوڪليئر سائيٽ تي حملا ڪري اهم ٺڪاڻن ۽ ليبارٽريون تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته ان ڪارروائي ۾ وڌيڪ 2 جنرل، 3 جوهري سائنسدان ۽ 20 ٻار سميت 65 شهري مارجي ويا. اسرائيلي بچاءُ واري وزير خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران طرفان ميزائل حملا جاري رهيا ته پوءِ ”تهران باهه جي شعلن جي ور چڙهي ويندو.“ واضح رهي ته ان کان اڳ اسرائيل، 200 کان وڌيڪ جنگي جهازن سان ايران جي 100 کان وڌيڪ ٿاڪن تي حملا ڪيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ پاسدارانِ انقلاب جو سربراهه، آرمي چيف، ڇهه جوهري سائنسدان سميت 86 ڄڻا شهيد ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران مان 450 پاڪستاني زائرين کي حفاظت سان واپس ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے