بريڪنگ نيوز

يورپي يونين ڀارت تي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي کانپوءِ پاسو ڪرڻ لاءِ زور ڀري: بلاول ڀٽو زرداري

برسلز (مانيٽرنگ ڊيسڪِ)اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته يورپي يونين ڀارت تي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ تي زور ڀري. پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ ڪشمير سميت سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو حامي آهي. ڪالهه سفارتخاني مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي هڪ اعليٰ سطحي پارلياماني وفد يورپي پارليامينٽ ۾ عالمي واپاري ڪميٽي جي سربراهه برنڊ لانجسي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفي واپار سميت علائقائي صورتحال بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پارلياماني وفد ملاقات دوران ڀارت طرفان اُٿاريل هاڻوڪي جارحاڻن قدمن ۽ خطي جي بگڙجندڙ صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته يورپي يونين قانون جي حڪمراني جي علمبردار آهي، اسان اميد ٿا ڪيون ته هو ڀارت تي ان سلسلي ۾ زور ڀريندو ته هو سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جهڙي قانون کان مٿانهين قدم کان پاسو ڪري. هن چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ ڪشمير سميت سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو حامي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت طرفان شهري آباديءَ کي نشانو بنائڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ نه صرف عالمي قانونن پر بين الرياستي اخلاقيات ۽ معاهداتي اصولن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌاڙيلن لاءِ پاليسي چٽي آهي، عام معافي نه ملندي، ڪيسز کي منهن ڏيڻو پوندو: ضياءَ لنجار

گهوٽڪي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير سنڌ ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته حڪومت جي ڌاڙيلن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے