بريڪنگ نيوز

احمد آباد جهاز حادثو، عملي سميت 242 مسافر اجل جو شڪار

احمد آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) ڀارتي رياست گجرات جي شهر احمد آباد ۾ ايئر انڊيا جو مسافر جهاز ايئرپورٽ ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عملي جي 12 ميمبرن سميت جهاز ۾ سوار سمورا 242 مسافر حياتي وڃائي ويٺا.ڀارتي ميڊيا موجب، تباهه ٿيل جهاز ۾ گجرات جو اڳوڻو وڏو وزير روپاني به سوار هو.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار جهاز ۾ 169 ڀارتي شهري، 53 برطانوي، هڪ ڪينيڊين ۽ 7 پرتگالي شهرين سميت 11 ٻار به موجود هئا.پرڏيهي ميڊيا موجب، ايئر انڊيا جي اُڏام اي آءِ 171 احمد آباد ايئرپورٽ تان روانگي وقت 322 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان رڳو 625 فوٽ بلنديءَ تائين اڏي سگهي ۽ پوءِ ٽيڪنيڪل خرابي سبب ڪِري تباهه ٿي وئي.حادثو ڀارتي وقت موجب منجهند هڪ کان ٻه وڳي جي وچ ڌاران پيش آيو.ٻئي پاسي حادثي کانپوءِ احمد آباد ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.فلائيٽ ريڊار موجب، اڏام ڀرڻ بعد هڪ منٽ کان به گهٽ وقت ۾ 625 فوٽ جي بلنديءَ تي جهاز سان رابطو ڪٽجي ويو هو.هوڏانهن ڀارتي ڊي جي سول ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته  ايئر انڊيا جي لنڊن ڏانهن ويندڙ اڏام اي ون 171 اڄ بنپهرن جو 01:38 منٽن تي احمد آباد ايئرپورٽ کان رواني ٿي پر ڪجهه منٽن بعد ئي رهائشي علائقي(ميگهائي نگر) تي ڪري تباهه ٿي وئي حادثي وقت بوئنگ 787 ڊريملائنز جهاز ۾ 232 مسافر ۽ 12 عملي جا ماڻهو سوار هئا جن ۾ 2 معصوم کير پياڪ ٻار به شامل هئا. ڊي جي سي اي تصديق ڪئي آهي ته جهاز اڏام جي فورن بعد(مي ڊي ڪال) ڏيڻ کان پوءِ ايئرپورٽ جي احاطي کان ٻاهر ڪري تباهه ٿيو. جهاز ۾ باهه لڳي وئي ۽ دونهون پري پري تائين ڏٺو ويوجهاز ۾ گجرات جي اڳوڻي وڏي وزير وجي روپاني به سوار هو، انهي جهاز ۾ 52 برطانوي شهرين کان علاوه هڪ ڪينيڊين شهري به سوار هو. شروعاتي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪ آف جي دوران جهاز هڪ وڻ ۾ ڦاسي پيو جنهن جي نتيجي ۾ اهو حادثو پيش آيو، جهاز ۾ ٽيڪنيڪي خرابي پيدا ٿيڻ جون به رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن.ايئر انڊيا جو بدنصيب جهاز شهر جي هڪ وڏي آبادي واري علائقي ۾ ڪريو آهي، اهو علائقو ايئرپورٽ سان مليل آهي. شاهي باغ ايريا ۽ نروڙا جي وچ تي واقع هڪ اپارٽمينٽ بلاڪ پريه بلاڪ آءِ جي بي ڪمپائونٽ ۾ واقع آهي. جهاز جو اڳيون حصو ڪجهه فليٽن جي وچ ۾ ڦاسي پيوجهاز جي 232 مسافرن ۾ 8 ڊاڪٽر به شامل هئا، جتي اهو جهاز ڪريو اتي آبادي تمام گهڻي وڌيڪ آهي انهي لاءِ ماڻهو وڏي انگ ۾ حادثي واري جڳهه تي جمع ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ امدادي ڪاروائين ۾ سخت پريشانيون پيش اچي رهيون آهن. انتظاميه طرفان شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته حادثي واري جڳهه کان پري رهو ته جيئن امدادي ڪارروائي جاري رکي وڃي ۽ طبي امداد پهچائي سگهجي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پيپلز گرين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ لاءِ صلاحڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے