بريڪنگ نيوز

وزيراعظم يو اي اي جي دوري تي پهچي ويو، اڳواڻن سان ملاقاتون

ابوظهبي(مانيٽرنگ ڊيسڪِ) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي فرمانروا شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ابوظهبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي البطين هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي صدر جي ڀاءُ ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار شيخ طحنون بن ايد النهيان وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو ۽ وزيراعظم سان گڏ گاڏي ۾ صدارتي محل طرف روانو ٿيو. هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل علي احمد الشمسي، يو اي اي ۾ پاڪستان جو سفير فيصل نياز ترمذي ۽ پاڪستاني سفارتي عملو پڻ وزيراعظم جي استقبال لاءِ موجود هو. وزيراعظم وفد سان گڏ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزي سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ پاڪستاني وفد ۾ شامل آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايراني زائرين جي سعودي عرب مان وطن واپسي جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين: اسحاق ڊار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے