بريڪنگ نيوز

ڏکڻ آفريڪا تاريخ لکي ڇڏي، آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپئن شپ جو ٽائٽل کٽي ورتو

لارڊز (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جو ٽائيٽل کٽيو. ڏکڻ آفريڪا لارڊز ۾ کيڏيل ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي فائنل ۾ آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني.282 رنسن جي هدف جو تعاقب ڪندي ڏکڻ آفريڪا پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسن جو هدف حاصل ڪيو. ايڊن مارڪرم ٻئي اننگز ۾ جنگي سينچري اسڪور ڪندي ڏکڻ آفريڪا جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ 136 رنسن جي ميچ وننگ اننگ کيڏي. ڪپتان باوما 66 ۽ وين مولڊر 27 رنسون اسڪور ڪيون. هي ڏکڻ آفريڪا جو ٻيو آءِ سي سي ٽائيٽل آهي. ان کان اڳ، ان 1998 ۾ آءِ سي سي ون ڊي چيمپئنز ٽرافي کٽي هئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

محسن نقوي سان پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي صدر اعصام الحق قريشي جي ملاقات

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي سان پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے