تل ابيب: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري چڪي آهي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي مٿان لاڳيتو ميزائل ۽ فضائي حملا ڪري رهيا آهن. عالمي ميڊيا موجب ايران هڪ دفعو ٻيهر اسرائيل تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو آهي. ايراني ميڊيا موجب ميزائلن جي حملي کان پوءِ تل ابيب ۽ بيت المقدس ۾ سائرن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن جنهن جي ڪري ماڻهن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي. تل ابيب ۾ ڌماڪن کان پوءِ دونهون نڪري رهيو آهي، ميزائل حملن ۾ اسرائيلي ايٽمي ٺڪاڻن ڊيموٽا کي به نشانو بنايو ويو آهي. والاريل شهر حيفه، تل ابيب ۽ بيت المقدس ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو آهي، تل ابيب ۾ دونهين جا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن، حملي دوران اسرائيل جون ڪيترائي ماڙ عمارتون به تباهه ٿي پٽ پئجي ويون آهن. ٻئي طرف اسرائيل ايراني حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي اترين حصي ۾ ايران جا جنگي جهاز ڏٺا ويا آهن جڏهن ته ايراني راڄڌاني تهران ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. اسرائيلي فوج جي ترجمان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان اهو نٿا ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته آيت الله خامنائي اسان جو نشانو آهي. اسرائيلي اختيارين اشارو ڏنو آهي ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي تي حملي جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي، انهي بيان کان پوءِ خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ هڪ نئين خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي حڪومت جي هڪ سينئر عهديدار چيو آهي ته ايران جي اعليٰ قيادت کي نشانو بنائڻ جي سمورن آپشن تي غور ٿي رهيو آهي. ايران اسرائيل تي نئين ميزائلن جي برسات شروع ڪري ڇڏي آهي، ايراني سرڪاري ٽي وي موجب 100 کان وڌيڪ سپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائل اسرائيل طرفان فائر ڪيا ويا آهن. ايران جي تازن حملن ۾ اسرائيل جو والاريل شهر حيفه ڌماڪن سان گونجي اٿيو آهي، اسرائيلي اختيارين موجب ايراني حملي ۾ شهر جو آسمان روشن ٿي ويو جڏهن ته اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته انهي حملي ۾ هڪ عورت سميت 3 فوجي مارجي ويا آهن جڏهن ته گڏيل طور تي فوتگين جو انگ 14 ٿي ويو آهي، 200 کان وڌيڪ زخمي آهن، اسرائيلي ميڊيا موجب ايراني حملن کان پوءِ 35 شهري گم به ٿي ويا آهن. ايراني ميڊيا سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيل تي عماد، غدر ۽ خيبر شڪن ميزائل جو استعمال ڪيو ويو. ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته حيفه ۾ اسرائيل جو هڪ ٻيو وڏو آئل ڊپو انهي حملي ۾ تباهه ٿي ويو آهي. انهي جي جواب ۾ اسرائيلي فضائيه تهران ۾ ڪيترن ئي فوجي حدفن کي نشانو بنايو آهي. اسرائيلي ڊفينس فورسز جو چوڻ آهي ته انهن ايران طرفان فائر ڪيل ميزائلن جو پتو لڳائي ورتو آهي ۽ شهرين کي فوري طور تي محفوظ پناهه گاهن ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
