بريڪنگ نيوز

افغانين خلاف هيل تائين ڪا ڪارروائي ناهي ٿي:آئي جي پوليس ڪي پي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي پوليس انسپيڪٽر جنرل اختر حيات گنڊاپور واضح ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪو به ڪريڪ ڊائون شروع نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن افغان شهري کي غير قانوني طور رهڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب آءِ جي خيبرپختونخواهه اختر حيات گنڊاپور چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين جي ڊيڊ لائن ۾ اڃا وقت بچيو آهي، هن وقت تائين ڪارروائي لاءِ ڪا به هدايت ناهي ملي.هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پوليس افغان پناهگيرن خلاف ڪا به ڪارروائي يا ڪريڪ ڊائون نه ڪري رهي آهي، اڃا تائين هڪ به ماڻهو گرفتار ناهي ڪيو ويو. آءِ جي خيبرپختونخواهه انهن الزامن جي به ترديد ڪئي ته پوليس افغان پناهگيرن کي حراسان ڪري انهن کان پئسا وٺي رهي آهي. هن چيو ته صوبي ۾ ڪٿي به هڪ به شخص کي غير قانوني رهائش جي الزام ۾ گرفتار نه ڪيو ويو آهي، غيرقانوني رهندڙ ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي ملڪ واپس وڃي سگهن ٿا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آزاد ڪشمير ۾ ان هائوس تبديلي معاملو، پيپلز پارٽي جو فارورڊ بلاڪ سان رابطو، صدر جو وزيراعظم سان رابطو

مظفرآباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ ان هائوس تبديلي جي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے