راولپنڊي(م ڊ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته منهنجو ادارو سان ڪوبه جهيڙو ناهي، پر راڻا ثناءُالله حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان سان ويهي ڳالهيون ڪريو، ادارن سان ڪوبه جهيڙو ناهي. هن وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله مٿان الزام هڻندي چيو ته راڻا ثناءُالله حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. منهنجي مرڻ تي راڻا ثناءُالله کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ملوث هجڻ تي سندس خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي نوٽيس وٺي ته ايف آءِ اي پنجاب جي ٿاڻن ۾ ڇا ڪري رهي آهي. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته نسلي ۽ اصلي مقابلي وقت بيٺل هوندو آهي. اوهان جيترا به ڪنٽينر لڳايو پر اسلام آباد ۾ ضرور داخل ٿينداسين ملڪ جي لاءِ ڪفن پائڻو پيو ته پائيندس، ننڍو ماڻهو وڏي گهر ۾ اچي ويو آهي، هڪ به لاش ڪري ته اتان هڪ به ڀڄي نه سگهندو. شيخ رشيد چيو ته عمران خان سان ويهي ڳالهيون ڪريون، اوهان اقتدار جا بکيا آهيو، منهنجو ادارن سان ڪوبه جهيڙو نه آهي. عمران خان کي چيو آهي ته گجرات کان اوهان سان گڏ هوندس ۽ راولپنڊي ۾ داخلا جو رستو ٺاهيندس، عمران خان کي درخواست ڪري سگهان ٿو ته ڳالهيون چونڊن تي ٿيڻ گهرجن. مان هڪ سيٽ تي سياست ڪندو آهيان. شيخ رشيد چيو ته بهتر هو ته نديم انجم پردي ۾ هو، ڊي جي آءِ ايس پي آر وڏو ادارو آهي ان جو ڪردار سڀني کي ميز تي آڻڻ جو آهي. ڪني نالي جون سرون محل ۾ نٿين لڳي سگهن. عالمي ايجنڊا آهي ته فوج کي بدنام ۽ انتشار پيدا ڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائيندس.
