بريڪنگ نيوز

سنڌ مان غير قانوني ترسيل پرڏيهين کي تڙڻ لاءِ ڪاميٽيون قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي غير قانوني طور تي صوبي ۾ رهندڙ غير ملڪي شهرين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ٽن ڪميٽين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب صوبائي غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي واپسي واري ڪميٽي جو ڪنوينر ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو هوندو. نوٽيفڪيشن موجب ڊويزنل ڪميٽي جو ڪنوينر ڪمشنر ۽ ضلعي ڪميٽي جو ڪنوينر ڊپٽي ڪمشنر هوندو، جڏهن ته پرڏيهي مهاجرن جي واپسي تي عملدرآمد ڪميٽي پوليس، ڪور هيڊڪوارٽر، آءِ بي، نادرا، ايف آءِ اي تي مشتمل هوندي. آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ افغان پناهه گيرن بابت گڏيل قومن جي ڪمشنر جا نمائندا به ان ۾ شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽيون غير قانوني طور صوبي ۾ ترسيل غير ملڪين جو ڊيٽا گڏ ڪنديون ۽ انهن جي ملڪ بدر ڪرڻ جو انتظام ڪنديون. غير قانوني طور صوبي م ايندڙ پرڏيهين کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جون اهي ڪميٽيون ذميوار هونديون، اهي ڪميٽيون صوبائي سرحدن ۽ شهري علائقن ۾ پرڏيهي رهواسين جي روڪٿام جي نگراني به ڪنديون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے