بريڪنگ نيوز

عالمي بينڪ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: (م ڊ) عالمي بينڪ غربت ختم ڪرڻ جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عالمي بينڪ پاڪستان ۾ غربت جي حوالي سان چيو آهي ته گذريل 20 سالن کان پاڪستان ۾ غربت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. 20 سال اڳ غربت گهٽ هئي ان لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ وڌائڻو پوندو. عالمي بينڪ موجب ايندڙ مالي سال غربت 39.4 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 35 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. عالمي بينڪ چيو آهي ته رائز ٽو پروگرام جي تحت 35 ڪروڙ ڊالر بورڊ جي منظوري سان جلد کان جلد ملندا ۽ هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي گروٿ 17 سيڪڙو تائين رهي سگهي ٿي. عالمي بينڪ گاڏين جي خريداري، خرچن ۾ گهٽتائي، پگهار ۽ پينشن اسٽرڪچر اصلاحات تي زور ڏنو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے