بريڪنگ نيوز

افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ کان پوءِ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي ۾ واڌ ٿي آهي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت به دهشتگرد گروهن جي مالي مدد کي لڪائي نٿو، اهو معاملو عالمي سطح تي اٿاري رهيا آهيون، جڏهن ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان دفاعي معاهدي جو ڀليڪار ڪريان ٿو. سيلاب متاثرن جي مدد بابت سندس چوڻ هو ته سيلاب سبب پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ تاريخي نقصان ٿيو، وفاق تي تنقيد نٿو ڪريان پر درخواست ٿو ڪريان ته سيلاب متاثرن جي مدد لاءِ عالمي سطح تي ڳالهايو وڃي. پي پي چيئرمين سيلاب متاثرن جي حوالي سان پنجاب حڪومت جي تعريف ڪندي چيو ته ڪيترن ئي هنڌن تي مدد نه پهچي رهي آهي، ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن جو ڏوهه ڇا آهي؟ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي انهن جي مدد ڇو نٿي ڪئي پئي وڃي؟

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے