ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي ڪجهه وزيرن جا کاتا بدليا ويندا، نون چهرن کي به ذميواريون ملنديون. ذريعن موجب پيپلزپارٽي قيادت ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بعد تبديلي جي منظوري ڏني آهي. سنڌ حڪومت ۾ اهم سياسي تبديلي جنهن تحت ڪابينا ۾ وڏي پئماني تي تبديلي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت طرفان وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بعد فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪيترن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪيا ويندا، جڏهنته نون چهرن کي به حڪومت ۾ ذميواريون ملنديون. ذريعن موجب قيادت ڪجهه وزيرن جي ڪارڪردگي کان مطمئن نه هئي، جنهن سبب سندن کاتا واپس وٺڻ ۽ نيون ذميواريون ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ڪابينا جا 12 ميمبر نئين ذميوارين تي مقرر ٿيڻ جا امڪان آهن. ذريعن موجب سعيد غني کي ليبر کاتو ، سيد ناصر حسين شاهه کي مڪاني کاتو ۽ اسماعيل راهو کي يونيورسٽين وارو کاتو ڏيڻ شامل آهي. ان سان گڏ ڄام خان شورو جو قلمدان به تبديل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. نون چهرن ۾ ايم پي اي لياقت به شامل آهي، جنهن کي پهريون ڀيرو ڪابينا ۾ آڻڻ تي غور ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف، وڏي وزير جي ويجهو رهندڙ حلقن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر شام سندر ڪي آڏواڻي کي وڏي وزير جو خاص صلاحڪار مقرر ڪرڻ تي پڻ سنجيدگيءَ سان غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه وزيرن کي سندن ناقص ڪارڪردگيءَ سبب وڌيڪ ذميواريون نه ملنديون ۽ سندن قلمدان واپس وٺڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ ترجمان گورنر هائوس تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته نون وزيرن ۽ صلاحڪارن جي حلف برداري اڄ شام گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿيندي. تقريب ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، پيپلزپارٽي قيادت ۽ ٻين اهم شخصيتن جي شرڪت متوقع آهي. ترجمان گورنر هائوس موجب نون وزيرن ۽ صلاحڪارن جي حلف برداري اڄ شام 4:30 وڳي گورنر هائوس ۾ ٿيندي.
