ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) جڊيشنل مئجسٽريٽ ڏکڻ ڪلثوم سهتو جي عدالت ۾ لياري جي علائقي بغدادي ۾ عمارت ڪِرڻ واري واقعي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس طرفان 27 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو.پوليس طرفان جوابدارن بلڊر عبدالرحيم، عاصم خان، آصف رضوي، عرفان نقوي، سيد زرغام حيدر، اشفاق کوکر، فيهم صديقي، ظفر اقبال، ذوالفقار شاهه، جميل، جليس ۽ يونس خان کي پيش ڪيو ويو ۽ سندن جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي.عدالت جوابدارن کي 3 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.پوليس طرفان پيش ڪيل شروعاتي رپورٽ ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي 6 ڊائريڪٽرن سميت 14 ڄڻن کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.رپورٽ موجب، عمارت 1986ع ۾ جُڙي راس ٿي، جيڪا ڊگهي عرصي کان زبون حال ۽ ناقابل رهائش هئي ۽ ايس بي سي اي جي آفيسرن کي 2022ع کان عمارت جي حالت بابت ڄاڻ هئي، پر ان باوجود ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس بي سي اي آفيسرن جي ڪوتاهي سبب عمارت جو هڪ حصو ڪِري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 27 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.جاچ آفيسر انسپيڪٽر زاهد شاهه عدالت کان وڌيڪ رمانڊ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته صفائي واري وڪيلن جوابدارن جي ضمانت جي درخواست ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته عبدالرحيم جي گهر جا به 5 ماڻهو به فوت ٿيا آهن ۽ هو بلڊر ناهي.عدالت پوليس جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ چيو ته واقعي ۾ 27 ڄڻا فوت ٿيا آهن ۽ جوابدارن جو ڪيس ۾ نامزد ٿيڻ واضح حقيقت آهي، تنهنڪري وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدارن کي 14 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي پيش ڪري جاچ جي اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
