بريڪنگ نيوز

ڀارتي حمايت يافتا نيٽ ورڪس خلاف فيصلائتا قدم اڻٽر آهن: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستاني عوام جي سلامتي ۽ تحفظ پاڪ فوج جي پهرين ترجيح آهي، شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، ڀارتي حمايت يافتا نيٽ ورڪس خلاف هر سطح تي فيصلائتا قدم اڻٽر آهن.آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ 271هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي. جنهن ۾ ڀارتي حمايت يافتا دهشتگرد نيٽ ورڪس خلاف تازي ڪاميابين جو جائزو وٺندي عزم ظاهر ڪيو ويو ته اسان جي شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ پاڪستاني عوام جي سلامتي ۽ تحفظ پاڪ فوج جي پهرين ترجيح آهي.فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي حمايت يافتا نيٽ ورڪس خلاف هر سطح تي فيصلائتي قدم اڻٽر آهن، پهلگام واقعي کانپوءِ سڌي ريت جارحيت ۾ شڪست بعد ڀارت هاڻ پنهنجي ناپاڪ ارادن کي ايجنٽن ذريعي اڳتي وڌائي رهيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے