بريڪنگ نيوز

ڀارتي حمايت يافتا نيٽ ورڪس خلاف فيصلائتا قدم اڻٽر آهن: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستاني عوام جي سلامتي ۽ تحفظ پاڪ فوج جي پهرين ترجيح آهي، شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، ڀارتي حمايت يافتا نيٽ ورڪس خلاف هر سطح تي فيصلائتا قدم اڻٽر آهن.آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ 271هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي. جنهن ۾ ڀارتي حمايت يافتا دهشتگرد نيٽ ورڪس خلاف تازي ڪاميابين جو جائزو وٺندي عزم ظاهر ڪيو ويو ته اسان جي شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ پاڪستاني عوام جي سلامتي ۽ تحفظ پاڪ فوج جي پهرين ترجيح آهي.فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي حمايت يافتا نيٽ ورڪس خلاف هر سطح تي فيصلائتي قدم اڻٽر آهن، پهلگام واقعي کانپوءِ سڌي ريت جارحيت ۾ شڪست بعد ڀارت هاڻ پنهنجي ناپاڪ ارادن کي ايجنٽن ذريعي اڳتي وڌائي رهيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے