بريڪنگ نيوز

ڊيزل 10.39 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 8.36 رپيا في ليٽر واڌ

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ 10.39 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 8.36 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 266.79 رپيا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 272.98 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي لاڳو ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي نئين قيمتن تي 2.50 پئسا ڪاربن ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول تي ليوي گهٽائي 75.52 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي 74.51 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے