بريڪنگ نيوز

آمريڪا سان ڳالهيون انهن جي شرطن تي نه ڪنداسين، يورينيم جو رچاءُ هر حال ۾ جاري رهندو: ايران

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران چيو آهي، ته هو آمريڪا سان ڳالهيون انهن جي شرطن تي نه ڪندو، يورينيم جو رچاءُ هر حال ۾ جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد ايرواني آمريڪي ٽي وي سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته آمريڪا سان ڳالهين لاءِ في الحال حالتون سازگار ناهن، اسان انهن جي شرطن تي ڪنهن به صورت ڳالهيون نه ڪنداسين. نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته يورينيم جو رچاءَ هر حال ۾ جاري رهندو. ايران طرفان عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر رافيل گروسي کي ڪنهن به قسم جو ڪو خطرو ناهي، هن چيو ته هن وقت ايجنسي جو معائنو ڪندڙ ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تائين پهچ حاصل نه پيا ڪري سگهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے