تهران/تل ابيب: (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) ايران هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل جي ڏاکڻي شهر بيرشيبا تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب علائقي ۾ وڏي مالي نقصان جا اطلاع آهن، حملي دوران ڪيترين ئي گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، جڏهن ته مائڪرو سافٽ آفيس ويجهو به وڏي پئماني تي باهه لڳي وئي آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب، تازو حملو جمعي جي صبح ڪيو ويو، جتي هڪ ايراني ميزائل بيرشيبا جي رهائشي علائقي ۾ ڪري پيو، حملي جي نتيجي ۾ ويجهين عمارتن، گاڏين ۽ بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان رسيو، جيتوڻيڪ ڪو به جاني نقصان رپورٽ نه ٿيو آهي، پر مالي لحاظ کان صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.ايمرجنسي سروس ميگن ڊيوڊ ايڊم ٻڌايو ته حملي کان ترت پوءِ فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيمون متاثر علائقي ۾ پهچي ويون ۽ باهه وسائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو.ياد رهي ته حملي کان هڪ ڏينهن اڳ به ايران طرفان بيرشيبا جي سوروڪا اسپتال ويجهو هڪ ميزائل فائر ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ستر اسرائيلي شهري زخمي ٿيا هئا.اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندن انٽرسيپٽر دفاعي نظام ۾ فني خرابي سبب ميزائل کي روڪڻ ۾ ناڪامي ٿي، جنهن ڪري نقصان ٿيو.ٻئي طرف، وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻن هفتن اندر ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ بابت سڌي ڪارروائي بابت ۾ حتمي فيصلو ڪندو.وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ پريس بريفنگ دوران ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته ”مان مستقبل ۾ ايران سان ڳالهين جي امڪانن ۽ حقيقي حالتن کي نظر ۾ رکندي، ٻن هفتن اندر ڪارروائي بابت فيصلو ڪندس.“
