بريڪنگ نيوز

برآمدات تي ٻڌل معاشي ترقي جي لاءِ ملڪي صنعتن جي ترقي لازمي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جو استحڪام ۽ ترقي جي سفر جي شروعات معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي، پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ پاران ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي لاءِ پاڪستاني عملدارن سان تعاون ۽ محنت تي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن جي ڪردار کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ جي وچ ۾ حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ توهان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جنهن تي توهان جا ٿورائتا آهيون، 2022ع جي ٻوڏ دوران توهان متاثر پاڪستانين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جو استحڪام ۽ ترقي جي سفر جي شروعات معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي. وزيراعظم چيو ته توهان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيو، پاڪستان ۽ ان جي عوام توهان جي پاڪستان جي لاءِ خدمتن کي سدائين مثبت انداز ۾ ياد رکندي. وزيراعظم ناجي بن حسائن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس صحت ۽ ترقي جي دعا ڪئي. ناجي بن حسائن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ انقلابي تبديلي، استحڪام ۽ ترقي جي سفر جي شروعات ساراهه جوڳي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معاشي ٽيم پاڪستان کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچائي استحڪام جي رستي تي گامزن ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف پاڻ هڪ محنتي ليڊر آهي جنهن مشڪلاتن جي باوجود پاڪستان جي معيشت کي بچايو، پاڪستان جي موجوده معاشي ٽيم پاڪستان جي معيشت کي ڪمال مهارت سان استحڪام کانپوءِ ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو. ملاقات ۾ ورلڊ بئنڪ جي پاڪستان ۾ مئنيجر آپريشنز گيلئيس ڊراگيلس کانسواءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيما، محمد اورنگزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته برآمدات تي ٻڌل معاشي ترقي جي لاءِ ملڪي صنعتن جي ترقي لازمي آهي، ٽيرف ريشنلائيزيشن پاليسي جي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي صنعتن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي روانگي واپار ۾ صنعت مرڪزي حيثيت رکي ٿي. روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي جي لاءِ ملڪي صنعتن جي ترقي لازمي آهي. ملڪي صنعتن کي عالمي معيار موجب افرادي قوت ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ٽيرف ريشنلائيزيشن پاليسي جي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. غيريقيني صنعتي پاليسيون صنعتن جي فروغ ۾ رڪاوٽ رهيون آهن. اسان هڪ موثر پاليسي جي ڪري صنعتي ترقي کي نئين بلندين تي وٺي وينداسين. تازيون معاشي پاليسيون ملڪي صنعتن جي ترقي کي نظر ۾ رکندي جوڙيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته صنعتي پيداوار ۾ اضافي ۽ صنعتن کي درپيش مسئلن جي پائيدار حل جي لاءِ صنعتي پاليسي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪي صنعتن جي ترقي جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صنعتي پاليسي جي ذريعي ملڪ جي مينوفيڪچرنگ سيڪٽر کي بحال ڪيو ويندو. وزيراعظم سمورين لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان صنعتي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران خلاف اسرائيلي جارحيت ۾ آمريڪا به شامل، 3 ايٽمي ٺڪاڻن تي وڏا حملا، ايٽمي پلانٽ کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

تهران/( مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا پنهنجي جديد ترين(بي 2) بمبار جهازن سان ايران جي 3 ايٽمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے