بريڪنگ نيوز

پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي: صدر ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير جي اعزاز ۾ پنهنجي سرڪاري رهائشگاهه وائٽ هائوس ۾ مانجهاندو ڏنو ۽ چيو ته پاڪ فوج جي سربراهه سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اسرائيل ايران بحران سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان جو فيلڊ مارشل عاصم منير ايران کي چڱي طرح نه پر تمام چڱي طرح سڃاڻي ٿو ۽ هو اسرائيل ايران تڪرار تي خوش ناهي. ايئن ناهي ته اسرائيل سان سان سندس لاڳاپا سٺا آهن، حقيقت ۾ هو ٻنهي ملڪن کي سڃاڻي ٿو پر شايد هو ايران کي وڌيڪ بهتر سڃاڻي ٿو ۽ هو صورتحال کي ڏسي رهيو آهي ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير مون سان متفق آهي. منهنجو کيس هتي سڏرائڻ جو سبب اهو هو ته آئون ان ڳالهه تي سندس ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو ته هن ڀارت سان جنگ کان پاسو ڪيو ۽ جنگ ختم ٿي وئي. آمريڪي صدر ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي به ان جو ڪريڊٽ ڏنو. هن چيو ته اهو ئي سبب آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. واضح رهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪ فوج جو پهريون سربراهه آهي جنهن کي آمريڪي صدر طرفان وائٽ هائوس ۾ مانجهاندو ڏنو ويو آهي، جيڪو آمريڪا جي پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپي کي اجاگر ڪري ٿو.  چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام واري شعبي ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هنن واپار، اقتصادي ترقي، معدنيات، مصنوعي ذهانت، توانائي، ڪرپٽو ڪرنسي ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي امڪانن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جڏهن ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان سان گڏيل مفادن ۽ هم آهنگي تي ٻڌل ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وائيٽ هائوس ۾ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ملاقات ڪئي. اها اعليٰ سطحي ملاقات ڪابينا روم ۾ مانجهاندي تي ٿي، جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن اوول آفيس جو دورو ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ سيڪريٽري آف اسٽيٽ سينيٽر مارڪو روبيو ۽ وچ اوڀر لاءِ آمريڪا جو خاص نمائندو اسٽيووٽڪوف به موجود هئا. فيلڊ مارشل عاصم منير سان گڏ پاڪستان جي قومي سلامتي جو صلاحڪار شريڪ هو. ملاقات دوران آرمي چيف تازي علائقائي بحران دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ بندي ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تعميري ۽ نتيجن واري ڪردار تي کيس پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام طرفان ساراهيو. هن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته هو عالمي چئلينجز کي سمجهڻ ۽ ان جي حل لاءِ ڏاهپ وارا فيصلا ڪرڻ جي غير معمولي صلاحيت رکي ٿو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ به پاڪستان جي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام واري شعبي ۾ جاري تعاون کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. ڌرين دهشتگردي جي روڪٿام واري ميدان ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ واپار، اقتصادي ترقي، معدنيات، مصنوعي ذهانت، توانائي، ڪرپٽو ڪرنسي ۽ نئين ٽيڪنالاجيز سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي امڪانن تي به تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان سان هڪ ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو، جيڪو گڏيل مفادن ۽ هم آهنگي تي ٻڌل هجي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان مسئلي جي پرامن حل تي زور ڀريو ويو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير جي قائداڻين صلاحيتن ۽ خطي ۾ پيچيده صورتحال دوران سندس بروقت فيصلن کي ساراهيو. ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پاڪستان حڪومت طرفان پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏني. اها ملاقات جيڪا شروعاتي طور تي هڪ ڪلاڪ لاءِ طئي هئي، گڏيل دلچسپي ۽ خلوص سبب ٻه ڪلاڪ وڌيڪ دير تائين جاري رهي. اها ڳالهه ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۽ اعتماد تي ٻڌل مضبوط حصيداري جي عڪاسي آهي. اها اعليٰ سطحي ملاقات پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي، جيڪا گڏيل امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي هدفن تي ٻڌل آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران خلاف اسرائيلي جارحيت ۾ آمريڪا به شامل، 3 ايٽمي ٺڪاڻن تي وڏا حملا، ايٽمي پلانٽ کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

تهران/( مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا پنهنجي جديد ترين(بي 2) بمبار جهازن سان ايران جي 3 ايٽمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے