ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪِ)پاڪستان انٽرنيشنل فلم فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ڪراچي فلم اسڪول ۾ منعقد ٿي، جنھن ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ مھمان خاص طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آمد تي فلم فيسٽيول جي روح روان سلطانھ صديقي، منتظمن، ميڊيا ۽ انٽرٽيمينٽ انڊسٽري سان لاڳاپيل اھم شخصيتن سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي آجيان ڪئي. فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان، چين ۽ جرمني سميت ڪيترن ئي ملڪن جون فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون، اُن موقعي تي انڊسٽري ۾ انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس بابت اھم مڪالمي جو بھ بندوبست ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۽ حڪومتن ماضي ۾ انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس جھري اھم معاملي کي نظر انداز ڪيون، اُن سلسلي ۾ موجود قانونن تي سختي سان عمل جي ضرورت آھي. سندس چوڻ ھو تھ جيڪڏھن تخليقي ڪمن جي حق ۽ واسطا محفوظ نھ ھجن تھ اُھي آساني سان چوري ٿي ويندي آھن، جنھن سان فنڪارن ۽ تخليقيڪارن جي حوصلا شڪني ٿيندي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس کي نصاب جو حصو ٻڻايو وڃي تھ جيئن نوجوانن کي آئيڊياز ۽ تحقيقي ڪمن جي حق جو شعور ڏئي سگھجي. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار فلمسازي کي ھمٿائڻ جي لاءِ گذريل سال کان ئي ڪم شروع ڪري چُڪي آھي ۽ فلمسازن کي ھمٿايو پيو وڃي تھ اُھي پوري دُنيا ۾ پاڪستان جي قومي موقف کي ھٿي وٺرائن. ھن چيو تھ ڀارت ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ فلمون پاڪ ڀارت جنگ تي ٺاھيون پيون وڃن تھ جيئن ڪوڙي بيانئي کي تقويت ڏئي سگھجي، پر ڀارت حقيقت ۾ نھ رڳو فلمن ۾ ئي کٽي سگھي ٿو، ھن چيو تھ ڀارتي ميڊيا سدائين ڪوڙي بيانئي کي سفاڪي سان ڦھلايو آھي، جڏھن تھ اسان کي پاڪستان جو سچو بيانيو پوري دُنيا ۾ ڦھلائڻ جي ضرورت آھي. فيسٽيول جي روح روان سلطانھ صديقي چيو تھ نوجوانن کي نئين ٽيڪنالوجي ۽ فلمسازي جي ميدان ۾ سکيا ڏيڻ جي ضرورت آھي تھ جيئن اُھي پنھنجي تخليقي صلاحيتن جو ڀرپور انداز ۾ اظھار ڪري سگھن. ھن چيو تھ فلم سوسائٽي ۾ انڊيشتري جي اھم شخصيتن جي شرڪت ھمٿائيندڙ آھي ۽ فلم جي ذريعي اسان پنھنجو قومي موقف دُنيا جي سامھون رکي سگھون ٿا. سندس چوڻ ھو تھ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ پاڪستاني ميڊيا بردباري جو مظاھرو ڪيو جيڪا ڳالھھ واکاڻ جوڳي آھي. فيسٽيول جي ڊائريڪٽر مصباح خالد چيو تھ اڄ پاڪستان انٽرنيشنل فلم فيسٽيول جو پھريون ڏينھن آھي ۽ اسان جو مقصد نوجوانن کي موقعو فراھم ڪرڻ آھي. ھن حڪومت کي اپيل ڪئي تھ حڪومت سندن ڪوششن ۾ ساٿ ڏئي. انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس پاڪستان جي سربراھھ فرخ عامل چيو تھ پاڪستان گھڻ ثقافتي ۽ گھڻ زباني ملڪ آھي ۽ فلم فيسٽيول اسان جي ثقافتي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جو بھترين ذريعو آھي. ھن چيو تھ فنون لطيفھ جي شعبي سان واڳيل ماڻھن جي ڪاپي رائٽس بابت آگاھي تمام ضروري آھي ۽ ادارو اُن حوالي سان قانونن ۾ ترميمن تي ڪم ڪري رھيو آھي. فرخ عامل لال شھباز قلندر جي ميلي ۽ اُتي جي دستڪاري جو حوالي ڏيندي چيو تھ اُن جھڙي ثقافتي ورثي کي بھ ڪاپي رائٽس ڏيڻو پوندو. ھن چيو تھ اي آئي ۽ ڊجيٽل نظام کانپوءِ فني ڪمن جي مالڪاڻن حقن جي اھميت اڳ کي گھڻي وڌي وئي آھي. اي ايم آءِ ميوزڪ جي سي اي او حميد رياض چيو تھ پاڪستان ۾ فلمون ۽ گانا تھ ٺھي رھيا آھن پر ڪاپي رائٽس تي ڪوبھ ڌيان نھ پيو ڏنو وڃي، جنھن جو نقصان اسان جي فنڪارن کي ٿي رھيو آھي.
