اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسرائيل فلسطين جي تباهيءَ ۾ سڌيءَ ريت ملوث آهي ۽ ان هٿ فلسطيني عوام جي رت ۾ رڱيل آهن. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ جنهن سان پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن،هن چيو ته اڄ ايران، فلسطين ۽ يمن اسرائيل جي نشاني تي آهن، جيڪڏهن مسلم دنيا اڄ به هَڪُ نه ٿي ۽ رڳو پنهنجي ايجنڊائن تحت پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندي رهي ته سڀني جو وارو ايندو. هن خبردار ڪندي چيو اڪثر اسلامي ملڪ ملٽري حوالي نهايت ڪمزور آهن، تنهنڪري او آءِ سي جو اجلاس سڏايو وڃي، مسلمان ملڪ گڏجي اهڙي حڪمتِ عملي جوڙن جنهن سان اسرائيل جي جارحيت جو مقابلو ڪري سگهجي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف ڀارتي پائلٽ اڀي نندن جي واپسي کي پاڪستان جو سرينڊر قرار ڏئي ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته 2019 ۾ اڀي نندن کي واپس ڀارت موڪلڻ پاڪستان جو سرينڊر هو. هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا ان وقت جي وزيراعظم سان گڏجي سرينڊر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڀي نندن کي 24 ڪلاڪن ۾ واپس موڪلي پاڪ فضائيا جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪيو، اڀي نندن کي واپس موڪلڻ جي سرينڊر تي ان وقت به شرمنده هئاسين، اڄ به آهيون. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا هٿ فلسطينين ۽ مسلمانن جي رت ۾ رڱيل آهن، اسان اسرائيل سان ڪي لاڳاپا قائم نه ڪيا، پاڪستان پهرئين ڏينهن کان پنهنجي موقف تي قائم آهي، اسان ايران سان گڏ بيٺا آهيون ۽ عالمي فورم تي انهن جي مدد ڪنداسين.
