بريڪنگ نيوز

اسرائيل جا ايران جي عسڪري قيادت، جوهري ٿاڪن ۽ ايٽمي سائنسدانن تي حملا،78 ڄڻا شهيد 329 زخمي ٿيا

تهران (مانيٽرنگ ڊيسڪِ)ايران تي اسرائيل جي هوائي حملن جي نتيجي ٿيل جاني نقصان بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيل 13 جون جي صبح ايران جي ڪيئي علائقن تي هوائي حملا ڪيا، جن ۾ فوجي قيادت جي رهائشگاهن، فوجي ۽ جوهري ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب، ايران تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ هينئر تائين ايراني فوج جي سربراهه، پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊر ان چيف، 6 اهم ايٽمي سائنسدانن سميت 78 ڄڻا شهيد جڏهن ته 329 زخمي ٿيا آهن. رپورٽ موجب، اسرائيلي حملن ۾ تهران جي رهائشي علائقن کي به نشانو بڻايو ويو. ٻئي پاسي، حملي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ ايٽمي سائنسدانن جا نالا به جاري ڪيا ويا آهن. ايراني ميڊيا موجب، شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۾ پاسدارانِ انقلاب جو ڪمانڊر ان چيف ميجر جنرل حسين سلامي، اڳوڻو سربراهه محمد حسين افشردي عرف محمد باقري، پاسداران فضائي فورس جو سربراهه امير علي حاجي زاده ۽ خاتم الانبياءَ هيڊڪوارٽر جو سربراهه غلام علي رشيد شامل آهن. اسرائيلي حملن ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام سان واڳيل اهم سائنسدان به شهيد ٿيا، جن ۾ احمد رضا ذوالفقاري درياني، فريدون عباسي، محمد مهدي تهرانچي، عبدالحميد منوچر ۽ امير حسين فقهي شامل آهن. ان کان اڳ اسرائيلي فوج حملي جي تصديق ڪندي چيو هو ته ايران خلاف ڪارروائي” آپريشن رائزنگ لائنز“ نالي سان ڪئي وئي. اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته ”ايران مان اسرائيل جي وجود کي خطرو هو، جنهن خلاف هيءَ ڪارروائي ضروري بڻجي چڪي هئي.“ اسرائيلي حملن کانپوءِ ايران طرفان فوري ردعمل ڏنو ويو ۽ اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ايران اٽڪل 100 ڊرون اسرائيل ڏانهن فائر ڪيا، پر اسرائيلي دفاعي نظام ڊرونز کي هدف تي پهچڻ کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ”اسرائيل پنهنجي لاءِ هڪ تلخ قسمت جي چونڊ ڪئي آهي جنهن جا ان کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. “هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وضاحت ڪندي چيو آهي ته ايران تي اسرائيلي حملي ۾ آمريڪا جو ڪو به ڪردار ناهي ۽ نه ئي آمريڪا انهيءَ آپريشن جي رٿابندي يا مدد ۾ شامل رهيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايران مان 450 پاڪستاني زائرين کي حفاظت سان واپس ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے