اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪوشش هئي ته پگهاردار طبقي کي جيترو ممڪن ٿي سگهي رليف ڏيون، ننڍن هارين کي آسان شرطن تي قرض ڏينداسين.پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ٽيرف اصلاحات سان برآمدات ۾ اضافو ٿيندو. گڏيل طور تي 7 هزار ٽيرف لائنز ۾ 4 هزار ٽيرف لائنز ۾ ڪسٽم ڊيوٽي کي ختم ڪيو ويو آهي اهڙي طرح جي اصلاحات گذريل 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪئي وئي آهي.هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ ٽيرف ۾ ڪٽوتي کي وڌيڪ اڳيان کڻي وينداسين ۽ ٽيرف جي سموري نظام ۾ گڏيل طور تي 4 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. اصلاحات آڻي ملڪ کي معاشي طور تي اڳيان وڌائي سگهجي ٿو.محمد اورنگزيب چيو ته اسٽرڪچرل ريفارمز وڌيڪ اڳيان کڻي وينداسين، پگهاردار طبقي کي جيترو رليف ڏئي سگهياسين ٿي ڏنو آهي، وزيراعظم ۽ منهنجي خواهش هئي ته پگهاردار طبقي کي رليف ڏيون، پينشن ۽ پگهارن کي مهانگائي سان گڏ لنڪ ڪرڻو آهي. حقيقت اها آهي ته مالي گنجائش موجب ئي رليف ڏئي سگهون. هن ٻڌايو ته حڪومت جيڪو ڪجهه ڏئي رهي آهي قرض کڻي ڏئي رهي آهي پنهنجي چادر موجب اڳيان هلڻو آهي، خساري جي ڪري هر شيءَ قرض کڻي ڏئي رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته هن سال اسان انفورسمنٽ جي ذريعي 400 ارب کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو. ٻه ئي طريقا آهن يا ته انفورسمنٽ ڪريون يا ٽيڪس لڳايون انهي حوالي سان قانونسازي لاءِ پارليامينٽ سان ڳالهائينداسين. هن ٻڌايو ته زرعي شعبي ۾ ڪوبه اضافي ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي. ننڍن هارين کي آسان شرط تي قرض ڏنا ويندا. اسٽيٽ بينڪ سان پنهنجي گهر ٺاهيندڙن لاءِ قرض اسڪيم آڻي رهيا آهيون، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيترو ٿي سگهي، رليف ڏنو وڃي، پينشن جي حوالي سان به اصلاحات آندي وئي آهي.هن چيو ته ڪابه شيءَ صوبن جي مشاورت کان سواءِ نه هوندي، وزيراعظم پاڻ چيو ته آگسٽ ۾ اين ايف سي ڪميشن کي گهرايو ويندو، اين ايف سي ڪميشن ۾ شين کي ڏٺو ويندو. هن چيو ته اهو ضرور ڏسو ته وزيرن، پارليامينٽرين جون پگهارون ڪڏهن وڌايون ويون، ڪابينه جي پگهار آخري ڀيرو 2016 ۾ وڌائي وئي هئي، مهانگائي موجب ڪجهه نه ڪجهه ته وڌائڻ گهرجي، جيڪڏهن ٿوريون ٿوريون پگهارون وڌنديون رهن ها ته هڪ ئي وقت ايترو ڪجهه نه ٿئي ها.ناڻي واري وزير چيو ته مهانگائي جي شرح هن وقت به ساڍا 7 سيڪڙو آهي، اسان جي ذميواري آهي ته وفاقي خرچن کي گهٽ ڪريون، نيشنل بينڪ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻو آهي. هن سال 1.9 سيڪڙو خرچ وڌنداسين. اسان کي خرچن ۽ قرضن کي ڏسي هلڻو آهي. آهسته آهسته شيون بهتر ٿي رهيون آهن. جن سيڪٽرز تي بار پيو آهي انهي لاءِ اسان سنجيده قدم کڻي رهيا آهيون.هن چيو ته جيڪو اسمبل فارم ۾ سولر ايندو هو انهي تي ٽيڪس نه هو، جيڪو اسمبل فارم ۾ نه هو، انهي تي پهريان کان ٽيڪس هو، اسمبل سولر تي ٽيڪس نه هجڻ سبب لوڪل مصنوعات ۾ گيپ هو.انهي موقعي تي چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگڙيال چيو ته شيون آن لائين خريدون يا فارمل ٻنهي ۾ ٽيڪس ڪنزيومر ڏئي رهيو آهي، جيڪي ماڻهو آن لائين وڪرو ڪري رهيا آهن انهن جي انڪم جو ڪوبه حساب ناهي، آن لائين وڪرو ڪندڙ ڪيش ڊليوري تي وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن جو حجم ننڍو نه، فارمل سيڪٽر وارا اسان وٽ ايندا ته اسان مارڪيٽ وڃي رهيا آهيون، 10 سيڪڙو جو فرق ڪڍنداسين ته ليول پليئنگ فيلڊ ختم ڪري ڇڏينداسين.
