اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) وزيراعظم محمد شهباز شريف مئي 2025ع دوران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو پاڪستان حڪومت جي معاشي پاليسين تي سمنڊ پار پاڪستانين جي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هلندڙ مالي سال مٽاسٽا جي ناڻي جي مد ۾ 34.9 ارب آمريڪي ڊالرز مليا جيڪي گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 28.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن، مئي 2025ع دوران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 3.7 ارب آمريڪي ڊالرز مليا جيڪي گذريل سال مئي جي ڀيٽ ۾ 13.7 سيڪڙو وڌيڪ آهن. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو پاڪستان حڪومت جي معاشي پاليسين تي سمنڊ پار پاڪستانين جي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي، حڪومت جا معاشي قدم ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ عوام دوست بجيٽ ملڪ جي روشن مستقبل جي نويد آهن. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. بجيٽ ۾ عام ماڻهوءَ تي ٽيڪس جو وڌيڪ بار نه وڌو ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف اسٽاڪ مارڪيٽ جي تاريخي بلند ترين سطح تي پهچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي سيڙپڪارن جي عوام دوست بجيٽ تي اعتماد جو اظهار آهي.شهباز شريف جو چوڻ هو ته پگهارن ۾ واڌ ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي سان نوڪري ڪندڙن کي رليف ملندو، الحمدلله ملڪ جي معاشي ترقي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، پاڪستاني عوام قربانيون ڏنيون، هاڻ اسان سڀني کي گڏجي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ محنت ڪرڻي آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌارو معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي، پاڪستان جي ڏيوالي جي ڪنڌيءَ تان واپسي ۽ ترقي جو سفر هڪ معجزو آهي.
