اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان ڀارتي پرڏيهي وزير جي پاڪستان مخالف بيان کي مڪمل طور رد ڪندي ياد ڏياريو آهي ته ڀارت کي ٻين تي الزام هڻڻ بدران پنهنجي دهشتگردي، شرپسندي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ تي غور ڪرڻ گهرجي. شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير جي برسلز ۾ ميڊيا انٽرويوز دوران ڏنل غير ذميواراڻن بيانن کي سختي سان رد ڪري ٿو. هن چيو ته اعليٰ سفارتي عملدارن جي ڳالهه ٻولهه جو مقصد چڙڏيارڻ بدران امن ۽ هم آهنگي جي واڌاري لاءِ هئڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن به پرڏيهي وزير جي ٻولي ۽ گفتگوءَ جو انداز پنهنجي عهدي جي وقار موجب هئڻ گهرجي، ڀارت گذريل ڪيترن ئي سالن کان هڪ من گهڙت بيانئي وسيلي پاڻ کي مظلوم ظاهر عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي مهم هلائي رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڀارت مسلسل پاڪستان مخالفت ذريعي سرحد پار دهشتگردن جي مدد ۽ والاريل ڪشمير ۾ رياستي ظلمن تان ڌيان هٽائي نه ٿو سگهي. هن خبردار ڪيو ته ڀارت بي بنياد ۽ من گهڙت بيانن ذريعي پنهنجي تازي جارحاڻن قدمن جو جواز پيش ڪرڻ بند ڪري، پاڪستان پرامن گڏيل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو، پر ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ پنهنجي خودمختياري جي تحفظ لاءِ تيار آهي، ۽ گذريل مهيني ڀارتي حملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيئي چڪو آهي. شفقت علي خان چيو ته ڀارت طرفان اختيار ڪيل بيانيو ان جي مايوسي ظاهر ڪري ٿو، جيڪا کيس پاڪستان خلاف ناڪام فوجي مهم کانپوءِ ٿي آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارتي قيادت کي گهرجي ته هو پاڪستان خلاف پنهنجي جنوني رويي تان هٿ کڻي ۽ ڳالهائڻ جو معيار بهتر ڪري، تاريخ شور مچائڻ وارن کي ياد ناهي ڪندي تاريخ انهن کي ياد رکندي جن سڀ کان وڌيڪ ڏاهپ واري انداز سان اڳتي وڌندا رهيا.
