بريڪنگ نيوز

آءِ ايم ايف پراپرٽي خريداري ٽيڪس ٻه سيڪڙو گهٽ ڪرڻ تي راضي،وڪرو ڪندڙن تي ود هولڊنگ ٽيڪس شرح برقرار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ ايم ايف، ايف بي آر جي درخواست تي پراپرٽي جي خريداري تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح اپريل 2025 کان ٻه سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي جزو رعايت ڏيڻ تي اصولي طور راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو پر وڪرو ڪندڙن تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح برقرار رهندي. ذريعن موب پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٿيل تازي ورچوئل ملاقات ۾ آءِ ايم ايف پراپرٽي جي خريدارن تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي جي شرح گهٽ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي پر وڪرو ڪندڙن کان اهو ٽيڪس جيئن جو تيئن وصول ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ايف بي آر جي درخواست تي آءِ ايم ايف هلندڙ مهيني (مارچ 2025) لاءِ ٽيڪس هدف ۾ به 60 ارب رپين جي گهٽتائي تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ٿيل تازي ورچوئل ملاقات ۾ ان اڳڀرائي سان ميمورنڊم آف اڪنامڪ اينڊ فنانشل پاليسي (ايم اي افي پي) تي اتفاق راءِ ۽ اسٽاف سطح جي معاهدي جو رستو کلندو ۽ اميد آهي ته اسٽاف سطح جو معاهدو ايندڙ هفتي تائين طئي ٿي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پراپرٽي تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي معاملي تي ايف بي آر، آءِ ايم ايف کان وڪرو ڪندڙن ۽ خريدار ٻنهي تي سيڪشن 236 سي ۽ سيڪشن 236 تحت لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي. آءِ ايم ايف رڳو سيڪشن 236 تحت خريدار لاءِ ٽيڪس جي شرح ٻه سيڪڙو گهٽ ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف بجلي جي شعبي ۾ سرڪلر ڊيٽ جي مسئلي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ بينڪن کان 1257 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي ۾ 11 ڏينهن باقي، لکين افغاني ملڪ ڇڏي ويا

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ رهندڙ  غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي ۾ اڃان 11 ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے