بريڪنگ نيوز

صدر ۽ وزيراعظم جو ڏکڻ ڪوريا ۾ مسافر جهاز حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڏکڻ ڪوريا جي ايئرپورٽ تي مسافر جهاز سان حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس، ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ فوتين جي وارثن سان همدردي جو به اظهار ڪيو آهي.پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موان ايئرپورٽ تي جهاز حادثي جو ٻڌي ڏک ٿيو، حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ ڏکڻ ڪوريا حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے