بريڪنگ نيوز

پي ٽي آءِ حڪومت دهشتگردن کي واپس آندو، ازالو ڇو نه ڪيو: عطا تارڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪي پي حڪومت عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي، صوبائي حڪومت جي وسيلن کي سوشل ميڊيا تي واويلا لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ باني ملڪي معيشيت بهتر ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت دهشتگردن کي واپس آندو، ازالو  ڇو نه ڪيو،  ڪي پي ۾ سرڪاري مشينري ڌرڻن ۽ احتجاج لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته وفاق ۾ گڏيل حڪومت قائم آهي، سمورين سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي منشور تي اليڪشن وڙهي، سياسي پارٽين پنهنجي منشور تحت عوام سان ڪجهه واعدا ڪيا هئا. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ، خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي کي عوام مينڊيٽ ڏنو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف حڪومت کي 11 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، صوبي ۾ ڪرپشن ۽ بي ضابطگين ۾ اضافو ٿيو، صوبائي حڪومت 152 ارب رپين جي مالياتي خساري کي منهن ڏئي رهي آهي،

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر قيدين جون 180 ڏينهن جون سزائون گهٽائي ڇڏيون

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  صدر آصف علي زرداري يوم پاڪستان ۽ عيدالفطر جي موقعي تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے