بريڪنگ نيوز

پي ٽي آءِ جي تاريخ رهي آهي ته انهي جو ڪوبه احتجاج يا ريلي پرامن ناهي ٿي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي تاريخ رهي آهي ته انهي جو ڪوبه احتجاج يا ريلي پرامن ناهي ٿي.نائب وزيراعظم اسحاق ڊار صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ ريڊ زون جي سيڪيورٽي اسان جي هميشه اوليت رهي آهي، ريڊ زون جي سيڪيورٽي جي حوالي سان خصوصي قانون لاڳو ڪيا ويا آهن.هن چيو ته  ڪهڙي به قسم جي احتجاج لاءِ هنڌ مقرر ڪيو ويندو آهي، 24 نومبر تي پرڏيهي وفد پاڪستان جي دوري تي هو، پر هڪ پارٽي حيران ڪندڙ جي طور تي 24 نومبر تي احتجاج جو اعلان ڪيو. ماضي ۾ انهي پارٽي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي احتجاج ڪيو ۽ انهي پارٽي طرفان 35 پنڪچرز جو بيانيو ٺاهيو ويو پر جوڊيشل انڪوائري ۾ ثابت ٿيو ته ڪابه چونڊ ڌانڌلي نه ٿي هئي.اسحاق ڊار چيو ته اهم موقعي تي احتجاج جي سڏ سان سياسي پارٽي جي بدنيتي ثابت ٿي آهي ۽ قانون موجب ريڊ زون ۾ ڪوبه احتجاج  نٿو ڪري سگهجي. پي ٽي آءِ جي تاريخ رهي آهي ته انهي جو ڪوبه احتجاج يا ريلي پرامن ناهي ٿي.هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم موجب سياسي پارٽي کي سنگجاني جي هنڌ تي احتجاج جو چيو هو. پر سياسي پارٽي ريڊ زون ۾ احتجاج ڪرڻ تي زور ڀريو. سمورين ڪوششن جي باوجود سياسي پارٽي پنهنجي ضد تي قائم رهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سروس ٽربيونل صرف دير جي بنياد تي اپيل خارج نٿو ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن سرڪاري ملازم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے