راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته عمران خان 24 نومبر تي احتجاج جي فيصلي تي عمل ڪندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ چيو ته باني پي ٽي آءِ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته 24 نومبر تي پنهنجي فيصلي تي عمل ڪيو ويندو.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چئي چڪو آهي ته هو بدلو نه وٺندو، عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسان کي انتقام وٺڻ جي روايت ٽوڙڻي آهي.فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ چيو ته پي ٽي آءِ باني پارا چنار واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي، پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن دهشتگردي خلاف پلان جوڙيو آهي.ٻئي طرف اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو ته 24 نومبر جو احتجاج آخري احتجاج آهي، آئين موجب هر شهري کي پنهنجي مطالبن سان روڊن تي اچڻ جو حق آهي شاهراهه دستور تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.بابر اعواڻ چيو ته سرڪاري ملازم چون ٿا ته ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، سرڪاري ملازمن کي صلاح آهي ته پنهنجو ڪم ڪن، ڦرلٽ ۽ ٻيا ڏوهه ٿي رهيا آهن پر هو اتي ڌيان نه پيا ڏين.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان حڪومت آڏو ٽي مطالبا رکيا آهن، 26هين آئيني ترميم خلاف احتجاج، مينڊيٽ چوري ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪيو وڃي، مان پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ تنظيمن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي حقن لاءِ هٿيار ڦٽا نه ڪندس.بابر اعواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان نه ڪنهن سان ڊيل ڪندو ۽ نه ئي ٻاهر ويندو، اسان عوام جي ووٽن سان اها جنگ کٽي آهي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي: محمد شهباز شريف
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايف بي آر ۾ …