لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ظلم جو هي دور ختم ٿيڻ وارو اهي ايندڙ وقتن ۾ راءِ جي اظهار جي آزادي هوندي امپورٽيڊ سرڪار عوام ۽ ادارن کي آمهون سامهون آڻي بيهارڻ چاهي ٿي پر قوم سڀني چورن کي سڃاڻي چڪي آهي گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ زمان پارڪ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سياسي صورتحال، لانگ مارچ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي اسد عمر، فواد چوڌري، فرخ حبيب، داڪٽر شيرين مزاري، اسد قيصر، علي زيدي، ذلفي بخاري، پرويز خٽڪ، علي امين گنڊاپور، مراد سعيد، عامر ڪياني، بابر اعواڻ، شفقت محمود، اعجاز چوڌري، اعظم سواتي، شاهه فرمان، علي اعواڻ، شبلي فراز، اسلم خان، افتخار دراني، ڪرنل رٽائرڊ عاصم شريڪ ٿيا پارٽي ذريعن مطابق تحريڪ انصاف جي اجلاس ۾ راولپنڊي ڪال ۽ هاڻوڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته ملڪ جي معاشي بحران ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به غور ڪيو ويو ذريعن مطابق چيئرمين عمران خان سان ايف آئي اي جي مبينه انتقامي ڪارروائين جو نشآنو بڻجندڙ ڪارڪنن به ملاقات ڪئي ڪارڪنن عمران خان کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ايف آئي اي جون انتقامي ڪارروايون جاري آهن نوٽيس اماڻي اسان کي هراسان ڪيو پيو وڃي جنهن تي عمران خان چيو ته ظلم جو هي دور ختم ٿيڻ وارو آهي ايندڙ وقتن ۾ راءِ جي اظهار جي آزادي هوندي
