بريڪنگ نيوز

نواز شريف ملڪ جي ترقي جو آزمايل برانڊ آهي، ڪوڙا بيانيا دفن ٿي ويندا: مريم نواز

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته  نواز شريف ملڪ جي ترقي جو آزمايل برانڊ  آهي. جڏهن سڀ فيل ٿي وڃن ٿا ته نواز شريف اچي ٿو. 6 سالن کان پوءِ نواز شريف قوم کي پورو  سچ ٻڌائيندو ته سمورو پروپيگنڊا ۽ ڪوڙا بيانيا  دفن ٿي ويندا. نواز شريف سندس خاندان ان جي جماعت کي ڪوڙا پروپيگنڊا ۽ بي بنياد ڪيسن سان ستايو ويو. اهڙن خيالن  جو اظهار هن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۽ يونين ڪائونسلن جي عهديدار ۽ڪارڪنن سان ملاقات ۾ چيو. مريم نواز شريف سان يونين ڪائونسل 123 ۽ 125 جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن  ملاقات ڪئي. جنهن 21 آڪٽومبر تي پارٽي اڳواڻ نواز شريف جي ڏيهه واپسي ۽ استقبال جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. مريم نواز يونين ڪائونسل جي  عهديدارن ۽ ڪارڪنن  کان مشاورت ۾ انهن کان تجويزون به ورتيون. مريم نواز چيو ته الله تعليٰ جي ڪرم سان نواز شريف  وري سڀ ٺيڪ ڪري ڇڏيندو. جڏهن ڪارڪردگي ۾ نه هارائي سگهيا ته ڪوڙا الزام  مڙهي ڌانڌي جي طاقت سان نواز شريف کي ميدان مان ئي ڪڍي ڇڏيو. الله تعليٰ نواز شريف کي ٻيهر واپس وٺي آيو. نواز شريف کي ڪڍندڙ  نظام مان ئي نڪري ويا. اهو آهي الله جو نظام 6 سالن تائين ڪوڙن کي  ڪوڙ ڳالهائڻ جي  مڪمل آزادي هئي. جنهن سان ذهن گهمراهه ٿيا.  نواز شريف،  ان جي پارٽي کي ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ ڪوڙن ڪيسن سان ستايو ويو. عوام کي مهانگائي مهاشي تباهي ۽ بيروزگاري سان ستايو ويو. نواز شريف کي اقتدار  مان ملڪ کي سزا ملڪ  ۽ عوام کي ملي ۽ ملي رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف 2017ع ۾ ويو ته ملڪ ڇا هو ۽ 6 سالن کان پوءِ اڄ ملڪ ۾ ڇا مان ڇا ٿي ويو. جنهن ڪري ڏيکاريو. نواز شريف ويو ته ترقي، امن ۽ عوامي خوشحالي به هلي وئي. نواز شريف جڏهن آيو ته امن ترقي ۽ خوشحالي جي بهار آئي.  مريم نواز شريف چيو ته الله تعليٰ پاڪستان جون حالتون ٺيڪ ڪري ڇڏيندو. ان ئي ڪري ته نواز شريف اچي رهيو آهي.  21 آڪٽومبر تي نواز شريف جو تاريخي استقبال ڪنداسين. ڪارڪنن چئني  صوبن جي آواز مريم نواز، قوم جي اميد نواز شريف نواز شريف جا نعرا به لڳايا. مريم نواز شريف ايندڙ 10 ڏينهن تائين يونين ڪائونسلز جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات جاري رکندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيجنگ سان ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ويو آهي: صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي چيني هم منصب شي جِن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے