بريڪنگ نيوز

طالبان کي ٻيهر جن ماڻهن آندو انهن جي ڪري دهشتگردي جا واقعا پيش آيا آهن: خواجه آصف

سيالڪوٽ( م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته فيض آباد ۾ جن ماڻهن ڌرڻي وارن کي ويهاريو هو اِهي ئي ضامن هئا. هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته طالبان وڏي انگ ۾ سوات ۽ فاٽا ۾ موجود آهن، انهن ماڻهن اتي رهايو ويو، جنهن سبب دهشتگردي جا واقعا پيش آيا. خواجا آصف چيو ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون. فيض آباد ڌرڻي بابت خواجا آصف جو چوڻ هو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ فيض حميد معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اصرار ڪيو، جن ماڻهن ڌرڻي وارن کي ويهاريو اِهي ئي ضامن هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم سان حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي اهم ملاقات

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے