Home / پاڪستان / حڪومت پگهار دار طبقي تي وڌيڪ بار وجهي ڇڏيو آهي: عمران خان

حڪومت پگهار دار طبقي تي وڌيڪ بار وجهي ڇڏيو آهي: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت 50 هزار رپيا ماهوار ڪمائڻ وارن تي به ٽيڪس لڳايو آهي.آن لائين نيوز ڪانفرنس دوران عمران خان چيو ته حڪومت عوام تي وڌيڪ بار وڌو آهي، هاڻي شين جا اگهه وڌيڪ وڌي ويندا.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سپر ٽيڪس سان ڪارپوريٽ ٽيڪس 39 سيڪڙو ٿي ويندو.خطي جي ٻين ملڪن سان ڀيٽ ڪندي هن چيو ته انڊيا ۽ بنگلاديش ۾ ڪارپوريٽ ٽيڪس 25 سيڪڙو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪيترين ئي صنعتن ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، سپر ٽيڪس کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ تي منفي اثر پيو آهي.عمران خان چيو ته عوام اڳ ئي تڪليف ۾ آهي، پگهاردار طبقي جو ٽيڪس وڌيڪ وڌايو ويو آهي.هن چيو ته حڪومت بجيٽ ۾ عوام جو معاشي قتل ڪيو آهي.قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ ترميمن بابت ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب ترميمن ذريعي پاڪستان کي ناڪام رياست ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي.عمران خان چيو ته نيب ترميمن سان ملڪ جو مستقبل خطري ۾ آهي، ان ترميم سان ننڍو ۽ بيوقوف چور پڪڙيو ويندو، وڏو ۽ هوشيار چور بچي ويندو.حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته هو معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ذهن ۾ هو ته اين آر او ڪيئن حاصل ڪجي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان اسلام جي نالي تي سياست ڪري رهيو آهي جيڪو اسلام کان اڻ وقف آهي: فضل الرحمان

سکر/شڪارپور (عيوضي) جمعيت علماءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے