Home / تازا ترين / سکر ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون 464 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرار

سکر ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون 464 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرار

سکر (رپورٽر) سکر ڊويزن ۾ بلدياتي چونڊن، 464 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار، 12 هزار کان مٿي پوليس جا جوان، 11 فوجي ڪمپنيون ۽ 1509رينجرز جا جوان سيڪيورٽي لاءِ مقرر،   سکر ڊويزن جي خيرپور، گھوٽڪي ۽ سکر ۾ 26جون تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان پوليس پاران سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو  سکر ڊويزن جي ٽنهي ضلعن ۾ 26 جون تي 2203 پولنگ اسٽشنون قائم ڪيون وينديون، 464 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آھن  1199 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ 504 پولنگ اسٽيشنون نارمل قرار ڏنيون ويون آهن سکر ضلعي ۾ 647 پولنگ اسٽيشنن مان 124 انتهائي حساس، 249 حساس قرار ڏنيون ويون  خيرپور ضلعي ۾ 897 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، جنهن مان 212 انتهائي حساس، 419 حساس قرار ڏنيون ويون آهن، گھوٽڪي ضلعي ۾ 659 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، جنهن مان 128 انتهائي حساس ۽ 531 حساس قرار ڏنيون ويون آهن، سکر ڊويزن ۾ 12767 پوليس جي جوانن کي اليڪشن واري ڏهاڙي مقرر ڪيو ويو آهي سکر ضلعي ۾ 2438، خيرپور ۾ 3534 ۽ گھوٽڪي ضلعي ۾ 2764 اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. 769اهلڪارن کي پيٽرولنگ، 210 اهلڪارن کي مختلف پڪٽن ۽ 288 اهلڪارن کي پولنگ جي سامان لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي سيڪيورٽي پلان تحت  پوليس جي مدد ۽ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ رينجرز جي جوانن کي پڻ مقرر ڪيو ويندو.  جڏهن ته پولنگ اسٽيشنن اندر سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ نصب ڪيون وينديون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايم ڪيو ايم جي معاهدن تي عمل نه ٿيڻ جي وزيراعظم کي شڪايت

ڪراچي(رپورٽر)وزيراعظم شهباز شريف ۽ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي وفد وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔