Home / تازا ترين / آدمشماري تي سنڌ کي اعتراض هئا پر اڳوڻي حڪومت ازالو نه ڪيو: نثار کهڙو

آدمشماري تي سنڌ کي اعتراض هئا پر اڳوڻي حڪومت ازالو نه ڪيو: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار احمد کهڙو جي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس   ڪندي چيو آهي ته  آدمشماري تي سنڌ ۾ گهٽ آبادي ڏيکارڻ تي سنڌ کي اعتراض هئا پر اڳوڻي حڪومت ازالو نه ڪيو  هن چيو ته اڳوڻي  حڪومت ڪچي آدمشماري کي پارليامينٽ ۾ کڻي آيا جنهن کي سي سي آءِ ۾ نه آندو ويو عمران خان اين ايف ايوارڊ جي خلاف هو جنهن سنڌ اچي چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي ڪري وفاق کي نقصان ٿي رهيو آهي مڪاني چونڊن جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آيو ۽ عدالت فيصلو ڏنو ته وقت تي چونڊون ٿيڻ گهرجن چونڊن کان بعد به قانون ۽ تبديلي ۽ تڪبندين ۾تبديلي ممڪن آهي پي ٽي آءِ ۽ٻيون پارٽيون ڪورٽ ويون جن کي اميدوار نه پيا ملن ۽ انهن ڪورٽ جو وقت ضايع ڪيو جيڪا هنن جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿي  پي ٽي آءِ جو علي زيدي ۽ ٻين ڪورٽ ۾ بيهي غلط ڳالهيون ڪيون. . لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن مخالفن جا اميدوار بيٺا آهن ۽ ڪٿي ڪو اميدوار اغوا ناهي ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ صرف هڪ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ڪامياب ٿيو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ پيپلز پارٽي جا 150 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن  لاڙڪاڻو. هٿ کڻڻ ۾ اميدوار جي مرضي شامل هوندي آهي جنهن لاءِ علي زيدي گهڻو ڪجهه چيو جنهن جي اسين مذمت ڪيون ٿا پي ٽي آءِ کي اميدوار نه مليا جيڪا سنڌ دشمني پارٽي ثابت ٿي آهي ۽ هنن اين ايف سي ايوارڊ تي حملو ڪيو سي پيڪ کي تباهه ڪيو ۽ ڪراچي لاءِ اسڪيمن جو اعلان ڪيو پر اتي ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي سنڌ حڪومت ٿرڪول جي ذريعي ٿر ۾ بجلي فراهم ڪئي  پي ٽي آءِ وارن ايل بي او ڊي جي مرمت به نه ڪرائي جيڪو 1980 ۾ ٺهيو هو  ڄامشوري کان سيوهڻ تائين روڊ ٺهي نه سگهيو ۽ سنڌ 7 ارب روپيا ڏنا پر اڳوڻي حڪومت هڪ روپيو به نه ڏنو . روڊ نه ٺهڻ جي ڪري ڪيترو ئي جاني نقصان ٿيو آهي ملڪ تي عمران خان جي باقيات جا برا نشان آهن جن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت آرڊيننس فيڪٽري هئي جنهن 35 بل 15 منٽن ۾ پاس ڪرايا جيڪي سڀ آرڊيننس هئا انهن تي صدر عارف علوي جا هئا پي ٽي آءِ اسيمبلي جي فيصلي کي تسليم نه ڪيو ۽ اسان انهن جي قانونن کي تبديل ڪري ڇڏيو ان تي صدر عارف علوي کي اعتراص آهي جيڪو عمران خان نه پر ملڪ جو صدر آهي  پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل هجي پر عدالت جو فيصلو آهي ته ٻٽي شهريت وارو ووٽ ڏئي نه ٿو سگهي ۽ انهن کي صرف ووٽ ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي لاڙڪاڻو. ضياءَ الحق يا ٻيا حڪومتن تي الزام هڻندا هئا ۽ حڪومتون ختم ڪيون وينديون هيون . نيب وارا به الزام لڳائڻ تي 3 مهينن تائين جيل ۾ رکندا هئا ۽ خبر ناهي ته انهن سان ڇا ڪيو ويندو هو اسان نيب کي ختم نه پر 3 مهينن کي 14 ڏينهن ڪيو آهي پي ٽي آءِ جي حڪومت 52 بي جي پوئلڳ حڪومت آهي عمران خان کي خبر هئي ته سندس حڪومت ٿيڻ واري آهي تنهن ڪري هن اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي عمران خان چيو ته پاڪستان تي ايٽمي بم ڪيرايو ڇاڪاڻ هي جمهوري شخص ناهي جيڪو پاڪستان ۾ رهي اسرائيل جي زبان ڳالهائي رهيو آهي محب وطن سڏائيندڙ جيڪڏهن اهي ڳالهيون ڪري ته پوءِ اسين ان کي ڇا سمجهون اسان به 4 سال اپوزيشن ۾ هئاسي ملڪ ۾ مهانگائي عمران خان جي ڪري آهي تنهن ڪري وزيراعظم وڏن سرمائيدارن مٿان هڪ ڀيري 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي ڇاڪاڻ جي مهانگائي يا تباهي ٽن مهينن جي ڪري ناهي  تربيلا ڊيم بجلي ۽ زراعت لاءِ ٺاهيو ويو آهي جتي 60 هزار پاڻي پهچندو هو ۽ 59 هزار سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ تي هتي پاڻي پهچڻ تي 30 کان 40 هزار ڪيوسڪ ٿي ويندو آهي اسان تونسا کان گڊو تائين پاڻي چوري روڪڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي جنهن رپورٽ ڏني ته 16 ڪيوسڪ پاڻي چوري ٿي رهيو آهي ۽ مختلف هنڌن تي 15 پمپنگ مشينون لڳل آهن

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

چوڌري وجاهت جا الزام بي بنياد آهن، پٽن جي اهڙي تربيت ناهي ڪئي: چوڌري شجاعت

لاهور(عيوضي)پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين پنهنجي ننڍي ڀاءُ چوڌري وجاهت حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔