بريڪنگ نيوز

پشتون قوم تاريخي طور بهادر ۽ حب الوطن رهي آهي،بلاول

ڪراچي/ اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشتون ثقافت جي ڏهاڙي تي خيبرپختونخواهه جي عوام سميت پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.ميڊيا سيل بلاول حوثي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پ پ چيئرمين پشتون ڪلچر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته پشتون ثقافت پاڪستان جي ثقافتي گلدستن ۾ هڪ خوبصورت گل آهي ۽ اهو اسان جو قومي ورثو آهي. هن چيو ته پشتون ثقافت جو بنياد پيار، مهمان نوازي ۽ فطرت سان محبت آهي. پشتون قوم تاريخي طور بهادر ۽ حب الوطن رهي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جو ثقافتي تنوع اسان جي سماجي خوبصورتي ۽ سڃاڻپ آهي، اسان کي ان تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سمورن ثقافتن کي برابري جي اهميت ۽ حيثيت ڏيڻ تي يقين رکي ٿي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان، ملاقات جو مطلب نه ئي سمجهيو وڃي: بيرسٽر گوهر

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته ڳالهين جو معاملو جيڪڏهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے