بريڪنگ نيوز

پشتون قوم تاريخي طور بهادر ۽ حب الوطن رهي آهي،بلاول

ڪراچي/ اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشتون ثقافت جي ڏهاڙي تي خيبرپختونخواهه جي عوام سميت پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.ميڊيا سيل بلاول حوثي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پ پ چيئرمين پشتون ڪلچر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته پشتون ثقافت پاڪستان جي ثقافتي گلدستن ۾ هڪ خوبصورت گل آهي ۽ اهو اسان جو قومي ورثو آهي. هن چيو ته پشتون ثقافت جو بنياد پيار، مهمان نوازي ۽ فطرت سان محبت آهي. پشتون قوم تاريخي طور بهادر ۽ حب الوطن رهي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جو ثقافتي تنوع اسان جي سماجي خوبصورتي ۽ سڃاڻپ آهي، اسان کي ان تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سمورن ثقافتن کي برابري جي اهميت ۽ حيثيت ڏيڻ تي يقين رکي ٿي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے